ملڪ جي روشن مستقبل خلاف سازشي عنصرن کي شڪست ڏينداسين: فردوس عاشق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ٻاهريان عنصرن ۽ انهن جا ادروني سهولتڪار ملڪ کي عدم استحڪام ۽ ادارن کي ڪمزور ڪرڻ جي ناپاڪ ارادن ۾ ناڪام ٿيندا. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ لکيو ته وزيراعظم /ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 02

عمران خان جي اڳواڻي ۾ ملڪ جي روشن مستقبل خلاف سازشي عنصرن کي شڪست ڏينداسين. هن چيو ته ملڪ جي سڀني ادارن ۾ هم آهنگي ۽ گڏيل اعتماد وقت جي اهم ترين ضرورت آهي، ادارن جي مضبوطي ملڪي ترقي، جمهوريت کي هٿي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ اڻٽر آهي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان عسڪري قيادت سان گڏجي سٺي انداز ۾ ملڪ کي پيش مسئلن مان ڪڍي رهيو آهي، ملڪ معاشي استحڪام ۽ ترقي جي منزل ڏانهن وڌي رهيو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *