ٽيسٽ رينڪنگ ۾ وليمسن پهرين پوزيشن تي اچي ويو، بابر جي پنجين پوزيشن برقرار

لاهور(اسپورٽس نيوز)   انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ٽيسٽ رانديگرن جي رينڪنگ ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن پهرين پوزيشن تي اچي ويو آهي جڏهن ته قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي پنجين پوزيشن برقرار آهي.آءِ سي سي جي تازه ترين ٽيسٽ رانديگرن جي رينڪنگ ۾ پاڪستان جي خلاف سينچري اسڪور ڪندڙ نيوزيلينڊ جو ڪپتان ترقي ماڻيندي پهرين پوزيشن تي اچي ويو آهي جڏهن ته ڀارتي ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪولهي جو ٻيون نمبر برقرار آهي. آسٽريليا جي اسٽيو اسمٿ ٽئين نمبر تي پهچي ويو آهي. جڏهن ته آسٽريليا جو ئي مارنوس لاهوشين جو چوٿون نمبر آهي.پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم جي پنجين پوزيشن برقرار ۽ ٽاپ ٽين ۾ بابر اعظم پاڪستان جو واحد رانديگر آهي. ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ بالرن جي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جو پيٽ ڪمنز پهرين نمبر تي موجود آهي.جڏهن ته پاڪستان جو ڪوبه بالر ٽاپ ٽين بالرن ۾ شامل نه آهي.  آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جو بين استوڪس پهرين نمبر تي موجود آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *