ٽن ورهين جي ڄمار ۾ هراسمينٽ جو شڪار بڻيس: فاطمه ثنا شيخ

ممبئي (شوبز نيوز)  بالي ووڊ اداڪارا فاطمه ثنا شيخ انڪشاف ڪيو آهي ته مون کي 3 ورهين جي عمر ۾ جنسي هراسمينٽ جو شڪار بڻايو ويو.بالي ووڊ جي سپر هٽ فلم ”دنگل“ ۾ مک ڪردار نڀائيندڙ فاطمه ثنا شيخ هڪ انٽرويو ۾ جنسي هراسمينٽ تي ڳالهائيندي چيو ته مان به جنسي هراسمينٽ کان نه بچي سگهيس، مان رڳو 3 ورهين جي عمر ۾ جنسي هراسمينٽ کي منهن ڏنو.28 ورهين جي اداڪارا اهو پڻ انڪشاف ڪيو ته مون کي فلم انڊسٽريءَ ۾ ڪم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا جنسي لاڳاپا قائم ڪرڻ تي زور ڀريو ويو، مون کي ڪيريئر جي مُنڍ ۾ صلاح ڏني وئي ته جيستائين فلم سازن سان جنسي لاڳاپا قائم نه ڪنديس ڪم نه ملندو.  سندس چوڻ هو ته جنسي استحصال هڪ حقيقت آهي، جنهن سبب عورتون ان مسئلي تي ناهن ڳالهائينديون، اڳ ۾ توهان کي ان حوالي سان ڳالهائڻ کان روڪيو ويندو هو پر هاڻ دور مَٽجي ويو آهي ۽ ماڻهن ۾ شعور اچي ويو آهي. 1997 ۾ چائلڊ آرٽسٽ طور اداڪاريءَ جي شروعات ڪندڙ فاطمه ثنا شيخ اهو به چيو ته جنسي لاڳاپا قائم نه ڪرڻ تي ڪيترائي ڀيرا مون کان ڪم واپس پڻ ورتو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *