ڪجهه به ٿئي، عمران خان ۽ پي ٽي آءِ احتساب جي عمل تان پوئتي نه هٽندي: شاهه محمود/شبلي فراز

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي وزيرن هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته وزيراعطم عمران خان ڪنهن به صورت ۾ استيعفا نه ڏيندي اپوزيشن 31 جنوري جو ڇو انتظار ڪري رهي آهي پنهنجو فيصلو ڪري پيپلزپارٽي استيعفا نٿي ڏيڻ چاهي ۽ نه ئي لانگ مارچ لاءِ تيار آهي پي ڊي ايم جو موقف پي ڊي ايم جي پارٽي ئي دفن ڪري ڇڏيو ۽ تير هليو ۽ نشاني تي لڳو ته ڪم ڪري ڏيکاريو پي ڊي ايم کي تلاش ڪرڻ گهرجي ته ان سان ڪنهن هٿ ڪري ڇڏيو نيب طرفان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجه آصف جي گرفتاري تي هو پاڻ ئي وضاحت ڏيئي سگهي ٿو نيب قانونن ۽ ان جي چيئرمين جي چونڊ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڪوئي دخل نه آهي مولانا فصل الرحمان چوي ٿو ته ڪنهن جي جرئت آهي جو اسان کان سوال ڪري احتساب جي عمل کان تحريڪ انصاف پوئتي نٿا هٽي سگهن اربع تي سندسماءِ جي وفاقي وزير شبلي فراز ۽ وزرياعظم عمران خان جي پاليماني معاملن جي صلاحڪار بابر اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته نيب قانونن ۽ ان جي چيئرمين جي چونڊ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڪوئي دخل نه آهي هن چيو ته لڳي ٿو ته خواجه آصف نيب کي مطمئن ناهي ڪري سگهيو. ۽ جيڪڏهن هو مني لانڊرنگ ۽ ڪمائي کان وڌيڪ اثاثن جي الزامن جو جوڳو جواب ڏي ها ته گرفتاري کان بچي پئي سگهيو هن چيو ته جڏهن اسن اپوزيشن سان ايف ٽي ايف تي قانونسازي جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين تڏهن اهي نيب جي قانون ۾ ترميم جي ڳالهه ڪري رهيا هئا شاهه محمود قريشي چيوت ها سان کي ان ڳالهه تي حيرت ٿيندي هئي ته هي ٻئي ادارا الڳ الڳ آهن پر اپوزيشن ايف اي ٽي ايف کي ڊال بڻائي نيب قانون ۾ ترميم چاهي پئي هن چيو ته اسان جي اسرار تي اپوزيشن موقف اختيار ڪيو ته نيب جي قانون ۾ رعايت ملندي ته ايف ٽي ايف تي ووٽ ڏينداسين شاهه محمود قريشي چيو ته نيب قانون ۾ ترميم جي گهرج ان لاءِ زور وٺي ويئي هئي ته ان کي ايندڙ وقتن ۾ ڪجهه ڏکيائون نظر اچي رهيون هيون هن مولانا فضل الرحمان جي حوالي سان يو ته هو چوندو ته ڪنهن به جرئت آهي جو اسان کان سوال ڪري جڏهن ته مولانا فضل الرحمان ۽ سندس اڳواڻن کي ثبوت پيش ڪندي چوڻ گهرجي ها ته نيب جي الزامن ۾ وزن نه آهي شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان کان جڏهن اهو سوال پڇيو ويو ته هن 40 سال پراڻو رڪارڊ ۽ سمورا ثبوت عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيا. عدالت خان صاحب کي صادق ۽ امين ظاهر ڪيو هن چيو تهعمران خان جو هي رستو سڀني جي سامهون آهي. هن چيو ته اپوزيشن 31 جنوري جو انتظار ڇو ڪري رهي آهي مان واضح ڪري ڇڏي اته وزيراعظم عمران خان استيعفا نه ڏيندو هن چيو ته کنڊ وارو پاپڙ وارو ٻڌو هوندو هاڻي مان چانورن وارو ٻڌائي رهيو آهي خواجه آصف واري ڪيس ۾ بنا ڪنهن بزنس جي ڪروڙين رپين جو سودو چانورن جي ايڪسپورٽ طريقي سان ڪيو ويو بابر اعواڻ چيو ته هڪ سال ۾ بنا ڪنهن بزنس جي 10 ڪروڙ رپيا پهريان هتان کان هوڏانهن ويا ۽ پوءِ اوڏانهن مني لانڊرنگ جي ذريعي هتي اچي ويا. هي پاڪستان جو اعليٰ عهديدار هو کيس اڪامي جي ڇا ضرورت ئي بابر اعواڻ چيو ته خواجه آصف عدالت ۾ چيو ته ٻاهر جنهن ڪمپني ۾ ڪم ڪيو اهي تصديق لاءِ ايندا خواجه آصف چيو ته ڪمپني جو مالڪ لبناني آهي هو مون کي پگهار ڏيڻ جي تصديق لاءِ ايندو هي معاملو به قطري خط وانگر آهي ان موقعي تي شبلي فراز چيو ته بدقسمتي سان ماضي جي حڪمرانن ادارن کي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيو ۽ انهيءَ ذريعي ناجائز دولت ملڪ کان ٻاهر کڻي ويا ملڪ ۽ عوام کي غريب ڪيو هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي سميت کوڙ سارا مسئلا آهن ڇو ته ماضي جي حڪمرانن انهن مسئلن تي ڏيان نه ڏنو شبلي فراز چيو ته سينيٽ جو اجلاس اپوزيشن جي رڪوريزيشن تي ٿي رهيو آهي ۽ 6 نقاطي ايجندا اپوزيشن جو آهي اسان جو ڪوئي ايجنڊا نه آهي هن چيو ته قانون ڪنهن جو ماتحت نه آهي سڀ قانون جي ماتحت آهيون اسان جيڪي ڪم ڪيا آهن ان جو عام شهري وانگر جواب ڏيڻو پوندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *