ٽن هفتن تائين رانا ثناءَ الله جي موومينٽ مانيٽر ڪئي، ثبوت موجود آهن: شهريار آفريدي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ممڪلتي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته فيصل آباد هوائي اڏي تي هڪ منشيات فروش وڪرو ٿيو جنهن مان اسان کي ليڊز مليون، ٽن هفتن تائين رانا ثناءَ الله جي موومينٽ مانيٽر ڪئي، جنهن جون اسان وٽ فوٽيجز ۽ سموريون شيون موجود آهن، سموريون شاهديون عدالت ۾ پيش ڪنداسين، رانا ثناءَ الله کي عالمي ڏوهارين جي نشاندهي تي گرفتار ڪيو ويو آهي، سموريون شاهديون موجود آهن، عدالت سامهون پيش ڪنداسين. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ممڪلتي وزير شهريار آفريدي چيو ته سموري ملڪ ۾ ٽن ڏينهن کان رانا ثناءَ الله بابت بحث هلي رهيو آهي، سئو 12 جي لڳ لڳ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪي راڻا ثناءَ الله لاءِ آواز اٿاري رهيا آهن، ٻين بابت ڇو خاموش آهن.  هن چيو ته جڏهن رانا ثناءَ الله بابت ڳالهه شروع ٿي ته فيصل آباد ۾ هوائي اڏي تي هڪ گرفتاري ڪئي وئي، جنهن جو ڪريڊ اي اين ايف کي وڃي ٿو. سندس چوڻ هو ته ٽن هفتن کانپوءِ رانا ثناءَ جي گاڏي ۽ سندس چرپر کي مانيٽر ڪيو،  فوٽيجز سميت سموريون شيون اسان وٽ موجود آهن. شهريار آفريدي چيو ته سڀ کان وڌيڪ مشڪل ڪم روڊ تي چرپر آهي،  عام گاڏي ناڪن تي پڪڙي ويندي آهي، جڏهن ته وڏن نالن ۽ عهدن وارن کي ناڪن تي نه روڪيو ويندو آهي.  شهريار آفريدي چيو ته پڪڙيل 15 ڪلو هيروئن جي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت 15 کان 16 ڪروڙ رپيه آهي، طاقتور ماڻهو ملوث نه هجن ها ته اهو ڪم هلي نه ٿو سگهي.  هن چيو ته رانا ثناءَ الله لاءِ آواز اٿاريندڙن لاءِ هي پيغام آهي ته اڃا گهڻو ڪجهه سامهون ايندو. سندس چوڻ هو ته 15 ڪلو هيروئن جي ڳالهه ناهي پر پاڪستان جي عزت ۽ سلامتي جي ڳالهه آهي ڇا عالمي سطح تي پاڪستان جي ماضي جي حڪومتن اها ڳالهه متعارف ڪرائي آهي، سموريون شيون عدالت ۾ پيش ڪنداسين، اهڙا خطرناڪ ماڻهو آهن جو سمورو تفصيل نه ٿا ڏئي سگهون. شهريار آفريدي چيو ته اي اين ايف جا  سموري ملڪ ۾ 19 پوليس اسٽيشن آهن ۽ 3 هزار جي لڳ ڀڳ نفري آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *