نواز شريف سان ملاقات لاءِ ايندڙ ڪارڪنن کي پوليس روڪي ڇڏيو، منهن ماري، حڪومتي حربن سان حوصلا نٿا گهٽائي سگهجن: شاهد خاقان/خواجه آصف

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ڪوٽ لکپت جيل ۾ ملاقات لاءِ ايندڙ ڪارڪنن کي پوليس اندر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، جنهن تي ڪارڪنن ۽ اهلڪارن ۾ ڏند چڪ ٿي. ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد نواز شريف سان ملاقات لاءِ خميس جو ڏينهن مقرر آهي ۽ ملاقات ڪندڙن جي فهرست ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي گهر ڀاتين جا نالا شامل آهن، جڏهن ته حڪومت طرفان پنجاب جي سياسي اڳواڻن جي نواز شريف سان ملاقات تي پابندي لاڳو ڪيل آهي. مريم نواز، شهباز شريف ۽ ٻيا گهر ڀاتي نواز شريف سان ملاقات لاءِ جيل پهتا ته ڪارڪنن مٿن گل نڇاور ڪيا ۽ نعريبازي ڪئي. نواز شريف سان ملاقات لاءِ خواجا آصف، احسن اقبال ۽ شاهد خاقان عباسي سميت ٻيا اڳواڻ به ڪوٽ لکپت جيل پهتا پر کين ملڻ جي اجازت نه ڏني وئي. ان دوران ن ليگ ڪارڪنن جي جيل اهلڪارن سان ڏند چڪ ٿي ۽ پوليس ليگي ڪارڪنن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. صحافين سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته 40 جي لڳ ڀڳ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز نواز شريف سان ملڻ لاءِ آيا پر ملڻ جي اجازت نه ڏني وئي. سندس چوڻ هو ته سياست جو محور اڄ به نواز شريف آهي، جيل ۽ حڪومتي حربا ڏٺل آهن، اسان پوئتي هٽڻ وارا ناهيون، اڳ به مقابلو ڪيو ۽ اڳتي به ڪندا رهنداسين. خواجا آصف چيو ته جيل مينوئل موجب قيدين سان ملاقات جي اجازت آهي، حڪومتي حربن سان حوصلا نٿا گهٽائي سگهجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *