اڳوڻي وزير اعظم سان گهرڀاتين جي ملاقات، راڻا ثناءُ الله اپوزيشن جو اثرائتو آواز آهي، گرفتاري ان کي دٻائڻ جو ڪوشش آهي: نواز شريف

لاهور (اين اين آءِ) ن ليگ جي اڳواڻ نواز شريف سان گهرڀاتين ڪوٽ لکپت جيل ۾ ملاقات ڪئي، پارٽي اڳواڻ سان ٻڌي جي اظهار لاءِ وڏي انگ ۾ پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪنن به جيل ٻاهران پهتا، پوليس ڪارڪنن پاران ڪيمپ لڳائڻ لاءِ آندل سامان واپس اماڻي ڇڏيو، پنجاب پوليس ۽ جيل جي اهلڪار ڪارڪنن جي مرڪزي دروازي ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ناڪام ڪري ڇڏي، تفصيل موجب گهرو وزارت جي حڪمن جي روشني ۾ به گذريل ڏينهن رڳو نواز شريف جي گهرڀاتين کي ملاقات جي اجازت ڏني وئي، شهباز شريف، مريم نواز سميت خاندان جي 5 ماڻهن نواز شريف سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ملڪ جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، نواز شريف راڻا ثناءُ جي منشيات ڪيس ۾ گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو ته راڻا ثناءُ الله اپوزيشن جو اثرائتو آواز آهي ۽ ان کي دٻائڻ لاءِ ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو، ان موقعي تي شهباز شريف ۽ مريم نواز، نواز شريف سان مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، شهباز شريف ۽ مريم نواز جي اچڻ تي ڪارڪنن سندن گاڏين تي گلن جي ورکا ڪري استقبال ڪيو، شاهد خاقان عباسي، خواجه محمد آصف، رانا محمد تنوير، احسن اقبال، خرم دستگير، مريم اورنگزيب، مصدق ملڪ سميت ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ جيل پهتو جڏهن ته کين ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي. ڊاڪٽر عدنان ٽوئيٽر چيو ته ڪيترائي ڪلاڪ انتظار ڪيو پر نواز شريف جي طبي چڪاس جي اجازت نه ڏني وئي. هن آخر ۾ لکيو ته هي ڏکيو وقت به گذري ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *