ٽمبر مارڪيٽ متاثرن جو ازالو ڪيو ويندو، جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٽمبر مارڪيٽ سانحي جي مڪمل جاچ ڪرائي ويندي ۽ ان ۾ جن جن ماڻهن کي نقصان ٿيو آهي، ازالو ڪيو ويندو. سانحي تي  سياست ڪرڻ ڪراچي جي عوام سان زيادتي جي برابر آهي. وزيراعليٰ سنڌ، مون ۽ سنڌ حڪومت تي الزام لڳائيندڙ پاڻ عوام کي ٻڌائين ته هو ڪهڙي وقت سانحي واري هنڌ پهتا. ڪي ايم سي، واٽر بورڊ ۽ ٻين سرڪاري ادارن ۾ گوسڙو ملازمن ۾ اهي ماڻهو به شامل آهن جيڪي خود ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جا ميمبر رهيا آهن. ايم ڪيو ايم جي قائد جا ٿورائتا آهيون جو هن پارٽي جي گوسڙو ملازمن کي ڊيوٽين تي حاضر ٿيڻ جي هدايت هدايت ڪئي. پر افسوس ان جي هدايت تي به اڃان تائين عمل نه ڪيو ويو آهي. سانحي لاءِ ڪمشنر ڪراچي ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا هڪ هفتي اندر ان سانحي جا سبب ۽ ان جي نقصانن جو اندازو لڳائي رپورٽ پيش ڪندي ۽ سنڌ حڪومت سمورن متاثرن کي معاوضو ادا ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر تي ڪمشنر ڪراچي هائوس ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڪمشنر ڪراچي شعيب احمد صديقي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي رئوف اختر فاروقي، ايم ڊي واٽر بورڊ هاشم رضا زيدي، ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ سليم راجپوت، سينيئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز  ڪي ايم سي مسعود عالم، پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جو صدر عبدالقادري پٽيل ۽ ٻيا به موجود هئا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته رات هڪ وڳي 19 منٽن تي باهه لڳڻ جو اطلاع ويجهي فائر بريگيڊ کي ڏني وئي ۽ ان جي ڪجهه منٽن اندر ئي ٻه گاڏيون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ ڪلاڪ اندر اندر باهه جي شدت کي نظر ۾ رکندي باهه کي ٽئين درجي جي باهه قرار ڏيندي 28 فائر ٽينڊرز کي موقعي تي پهچايو ويو هو، هن چيو ته واٽر بورڊ پاران باهه کي وسائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 6 لک گيلن پاڻي فراهم ڪيو ويو ۽ ان سلسلي ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، ڪمشنر ڪراچي ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ سان هو مسلسل رابطي ۾ هو ۽ خود ڪمشنر ڪراچي رات 3 وڳي واقعي واري هنڌ موجود هو، صوبائي وزير جاويد ناگوري به رات 5 وڳي واقعي واري هنڌ موجود هو، جڏهن ته ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز جو مڪمل عملو به موجود هو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي پاران ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ لڳايل سمورا الزام بي بنياد آهن ۽ ان ۾ ڪنهن قسم جي ڪابه سچائي نه آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته اسان گهربل سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي صبح ساڍي 10 وڳي تائين باهه تي مڪمل طور تي ڪنٽرول ڪري ورتو هو. هن چيو ته جيڪڏهن اسان ايم ڪيو ايم جي دوستن جي الزامن کي تسليم ڪري وٺون ته ٻڌائين ته باهه تي ڪيئن ڪنٽرول ڪيو ويو ۽ جيڪڏهن سرڪاري ۽ حڪومتي مشينري نه هئي ته باهه ڪنهن وسائي. هن چيو ته اسان عملي سياست تي يقين رکون ٿا ۽ رات جو سانحي واري هنڌ تي فوٽو سيشن ڪرڻ بجاءِ اسان عملي اپائن کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڌنو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان ان ڳالهه کي تسليم ڪريون ٿا ته اسان کي بلديات کاتي ۾ مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ ان ۾ سڀ کان وڏو مسئلو گوسڙو ملازم آهن. هن چيو ته ڪي ايم سي، واٽر بورڊ سميت ٻين بلدياتي کاتن ۾ وڏي پيماني تي گوسڙو ملازم اهڙا آهن جن جو تعلق ايم ڪيو ايم سان آهي ۽ 10 ڊسمبر تي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين جن ٻن رابطا ڪميٽي جي ميمبرن خالد سلطان ۽ عادل خان جيڪي واٽر بورڊ جي سينيئر آفيسرن جي عهدن تي فائز آهن ۽ اهي پگهارون کڻي رهيا آهن. هن چيو ته هاڻ به هو سچ ڳالهائي رهيو آهي ۽ وقت اچڻ تي پورو سچ به عوام آڏو آندو ويندو ۽ ٻڌائيندو ته بلدياتي ادارن ۾ ڪيترا اهڙا گوسڙو ملازم آهن جيڪي ماضي ۾ ۽ حال ۾ سياست به ڪري رهيا آهن ۽ هن وقت هو سائوٿ آفريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ موجود آهن ۽ پگهارون ادارن مان کڻي رهيا آهن. هن چيو ته ادارن جي حالت زار کي بهتر بڻائڻ ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين پاران انهن سمورن ملازمن کي پنهنجن ڊيوٽين تي وڃڻ ۽ انهن کي ڊيوٽين تي حاضر ٿيڻ جون هدايتون ڏنيون هيون، جنهن تي اسان ان جا ٿورائتا آهيون، پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته هدايتن تي اڃان تائين عملدرآمد نه ٿي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سانحن تي سياست ڪرڻ افسوسناڪ عمل آهي ۽ سياست کي صرف اشوز تي ئي ٻڌل هجڻ گهرجي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته منهنجي استعيفيٰ ڏيڻ سان جيڪڏهن ادارن جي حالت بهتر ٿي وڃي ٿي ته ان تي کيس ڪوبه اعتراض نه آهي، پر استعيفيٰ جو مطالبو ڪندڙ هن قوم کي ٻڌائين ته جڏهن هن شهر ۾ 12 مئي وارو سانحو پيش آيو ته ڇا وسيم اختر استعيفيٰ ڏني. عيد ميلاد النبي صلعم سانحو ٿيو ته ڪنهن استعيفيٰ ڏني. هڪ ٻي سوال تي هن چيو ته هڪ سال اڳ اسان فائر بريگيڊ کاتي ۾ نون فائر ٽينڊرز لاءِ سوا 3 ارب رپيا جي رقم مختص ڪئي هئي جڏهن ته ان تي عدالت اسٽي آرڊر ڏئي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ اسان ڪراچي جي تنگ ۽ ننڍين گهٽين کي ڏسندي مني فائر ٽينڊرز خريد ڪري رهيا آهي. ان موقعي تي پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر عبدالقادر پٽي چيو ته جڏهن به پيپلز پارٽي هن صوبي يا ملڪ ۾ ڪو وڏو پروگرام ڪري ٿي ته ان جي جلد بعد ٻي ڏينهن ئي ڪنهن قسم جو سانحو رونما ڪري ميڊيا کي ٻي طرف مائل ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته سانحي جي فوري بعد سرڪاري مشينري ۽ پيپلز پارٽي جي ماڻهن جي اتي موجودگي جي باوجود الزام لڳائڻ جي سياست هن شهر ۽  ملڪ کي ڪنهن قسم جو ڪو فائدو نه پهچندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *