دهشتگردي ۽ انتهاپسندي ملڪي ترقي ۾ وڏي رڪاوٽ آهن: نواز شريف

لاهور (م.ڊ) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته حڪومت، پاڪ فوج سميت ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ قوم دهشتگردي جو ناسو ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، انشاالله هن مقصد ۾ ڪامياب ٿينداسين، دهشتگردي جي انت لاءِ نيشنل پلان جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، جلد نتيجا آڏو ايندا، انتهاپسندي، دهشتگردي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحال ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي، ان کان نجاد حاصل ڪرڻ کانسواءِ اسان ترقيافته ملڪن ۾ نٿا بيهي سگهون، حڪومت دهشتگردي جي اتن تي ڌيان ڏيڻ سان گڏ معيشت جي ترقي ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ به انقلابي قدم کڻي رهي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن جاتي امرا راءِ ونڊ ۾ محمد شهباز شريف سان ملاقات ۾ ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *