فوجي عدالتون جمهوريت کي بچائڻ لاءِ جوڙيون پيون وڃن:پرويز رشيد

اسلام آباد(بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته ماضي ۾ فوجي عدالتون جمهوريت کي ختم ڪرڻ لاءِ ٺهيون پر هاڻي جمهوريت کي بچائڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جوڙيون پيون وڃن. هڪ بيان ۾ پرويز رشيد چيو ته جمهوريت ۽ دهشتگردي هڪ ٻئي جو ضد آهن. هن چيو ته پنهنجي نسلن کي وحشين ۽ جانورن کان بچائڻو آهي، پوءِ ڀلي سندن پنهنجيون حياتيون ڇو نه هليون وڃن. پرويز رشيد چيو ته کين ڪابل جو امن اوترو ئي عزيز آهي جيترو اسلام آباد جو، وزيراعظم نواز شريف افغانستان کي هڪ سوچ تي آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته ٻئي ملڪ گڏجي دهشتگرديءَ خلاف جنگ ڪندا، امن خطي جو گڏيل اثاثو آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي پرويز رشيد وڌيڪ چيو ته کيس يقين آهي ته عمران خان پارليامينٽ ۾ واپس ايندو ۽ هــُو ساڻن گڏجي جمهوريت کي مستحڪم ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *