ٽرمپ جي ڪشمير مسئلي تي وري ٽياڪڙي جي آڇ، ڀارت تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ زور

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي جي آڇ ڪندي چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم سان هن هفتي ٿيندڙ ملاقات ۾ ڪشمير بابت ڳالهائيندس. وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندو آمريڪي صدر چيو ته ڪشمير هڪ پيچيده مسئلو آهي اتي هندو به آهن ۽ مسلمان به، آئون اهو ته نه چوندس ته اتي ٻئي سٺي طريقي رهي رهيا آهن پر آئون ان معاملي تي ڀارتي وزيراعظم مودي سان هفتي ٿيندڙ ملاقات ۾ ضرور ڳالهائيندس ۽ پوري ڪوشش ڪندس ته ان مسئلي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽياڪڙي ڪرايان. هوڏانهن آمريڪي گھرو کاتي جي هڪ وڏي عهديدار خطي جي دوري تان واپسي کان پوءِ صحافين سان ڳالهائڻ دوران ڀارت تي زور وڌو آهي ته هو ترت والاريل ڪشمير مان ڪرفيو ۽ پابنديون هٽائي، بنيادي شهرين آزادي بحال ڪئي وڃي ۽ گرفتار ڪشميري اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي آمريڪي عهديدار جو چوڻ هو ته آمريڪا کي والاريل ڪشمير ۾ گرفتارين ۽ اتان جي شهرين کي قيد رکڻ جي اطلاعن تي ڳڻتي آهي، اسان ڀارت تي زور ڏينداسين ته هو شهرين جي انفرادي حقن جو احترام، قانوني طريقيڪار جي پابندي ۽ ان مسئلي جي حل لاءِ ڳالهايون ڪري. هن چيو ته صدر ٽرمپ هن وقت پاڪ _ڀارت وزيراعظمن سان فون تي ڳالهايو آهي ۽ هنن تي ڪشمير جي معاملي تي ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي آڻڻ تي زور ڏنو ويو آهي، آمريڪا کي ڀارت جي خدشن جي خبر آهي پر خطي جو حالتون معمول تي آڻڻ لاءِ جلد کان جلد قدم کنيا وڃن، پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ايٽمي طاقتون آهن اسان انهن تي زور وڌو آهي ته هو ڪشمير تي ڳالهيون شروع ڪن. ان کان پوءِ برطانيا ۽ فرانس به ڀارت تي زور ڏ نو آهي ته هو ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي آڻي ۽ پاڪستان سان ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون شروع ڪري. هن هفتي فرانس ۾ ٿيندڙ جي 7 ملڪن جي اجلاس ۾ به اهو مسئلو ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي سامهون اٿارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. برطانوي وزيراعظم بورس جانسن جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم جانسن ڪشمير جي صورتحال تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان فون تي رابطو ڪيو آهي ۽ هن کي واضح ڪيو آهي ته برطانيا چاهي ٿو ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻه طرفي ڳالهائين ذريعي ان مسئلي کي حل ڪن، هن چيو ته فرانس ۾ ٿيندڙ جي 7 سربراهي اجلاس ۾ ان تي وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. پيرس ۾ هڪ فرانسيسي عهديدار به چيو آهي ته صدر ايمانوئيل ميڪرون ميڪرون ڪشمير جي مسئلي تي ڀارتي وزيراعظم سان جي 7 اجلاس دوران ڳالهائيندو، صدر ميڪرون ۽ مودي وچ ۾ ورڪنگ ڊنر تي ملاقات ٿيندي. هڪ فرانسيسي سفارتڪار نالو نه ظاهر ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اها ملاقات ڪشمير ايجنڊا تي هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *