جاويد ميانداد جو لائين آف ڪنٽرول تي پرامن احتجاج جو اعلان

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪپتان ۽ بيٽس مين جاويد ميانداد لائين آف ڪنٽرول تي پرامن احتجاج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پرامن احتجاج ۾ دنيا جي سمورن ليچنڊز رانديگرن کي شرڪت جي دعوت ڏيندس سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي وڊيو بيان ۾ جاويد ميانداد چيو ته مان ظلم جو نشانو بڻجندڙ ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ احتجاج ڪندس دنيا جو ڌيان والاريل ڪشمير تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن ڏانهن ڏيارڻ چاهيان ٿو مان پرامن احتجاج ۾ دنيا جي سمورن ليچنڊز رانديگرن کي شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيندس هن چيو ته جيڪو مون سان هلڻ چاهي ٿو اچي مون سان گڏ هلي ڪشميرين جي جدوجهد ڪڏهن به ختم نٿي ٿي سگهي دنيا ۾ نوان ملڪ ٺهندا رهندا هي هڪ سسٽم آهي جيئن پاڪستان کي ٺهڻ کان ڪوبه روڪي نه سگهيو اهڙي طرح ڪشمير کي آزاد ٿيڻ کان ڪوبه نٿو روڪي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *