وفاقي حڪومت جو نجي شخصيتن تائين نيب ڪارروائي جا اختيار ختم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان سان وفاقي وزير فروغ نسيم ملاقات ڪئي جنهن ۾ نوان قانون لاڳو ڪرڻ ۾ هن وقت تائين اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، ملاقات ۾ پارلياماني سيڪريٽري مليڪا بخاري، سيڪريٽري قانون ارشد فاروق ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا، قانون واري وزير، وزيراعظم کي عام مفاد لاءِ نون قانون ۽ اهي لاڳو ڪرڻ ۾ هن وقت تائين اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، نون قانون ۾ ڪوڊ آف سول پروسيجر (ترميمي بل 2019) ليگل ايڊ اينڊ جسٽس اٿارٽي بل 2019، انفورسمنٽ آف وومين پراپرٽي رائيٽس بل 2019، ليٽرز آف اينڊمنسٽريشن اينڊ سينسيشن سرٽيفڪيٽ بل 2019، وصل بلوور پروٽيڪشن اينڊ ويجيلنس ڪميشن بل 2019، سروس ٽربيونل (ترميمي بل 2019) ميوچل ليگل اسسٽنس بل 2019، مسلم فيملي لاز (ترميمي ايڪٽ 2019 سيڪشن 4 ۽ سيڪشن 7 ۽ قانوني نظام لاءِ ايڪشن پلان فار وومين اينڊ گرلز شامل آهن، قانون واري وزير ٻڌايو ته عوام کي ان جا حق ۽ ٻين معاملن بابت لاڳاپيل قانون ۽ ماتحت قانون بابت آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ پاڪستان ڪوڊ کي آن لائين ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ پاڪستان ڪوڊ جي نالي سان هڪ اپيليڪيشن ٺاهي وئي آهي، جيڪا جلد عوام کي سندن موبائيل فونز تي مهيا ٿيندي، هن اپيليڪيشن تحت 1840 کان مارچ 2019 تائين جي قانون جو سمورو تفصيل ملي سگهندو، پاڪستان ڪوڊ ۾ هن وقت تائين (23) مختلف شعبن بابت 844 قانون درج آهن، قانون واري وزير، وزيراعظم کي مختلف قانونن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، وزيراعظم چيو ته عوام کي سستو انصاف جي پهچ ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، وزيراعظم چيو ته بنا دير ۽ آسان انصاف ئي عوام جي مسئلن جي حل ۽ سندن زندگين ۾ واضح تبديلي جو ضامن آهي.  ٻئي طرف اطلاعات کاتي جي صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اععواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي قانون واري وزير فروغ نسيم چيو آهي ته نيب ڪيسز ۾ ضمانت ڏيڻ جو اختيار هاڻي ٽرائل ڪورٽ کي ملندو، نيب ڪيسز ۾ ضمانت ڏيڻ يا نه ڏيڻ ٽرائل ڪورٽ جو صوابديدي اختيار هوندو، هن چيو ته جج ارشد ملڪ بابت چيف جسٽس اسلام آباد هائي ڪورٽ جي چوڻ تي وڌيڪ ڪارروائي ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *