ٽربيونل اين اي 122 تي بحث جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اياز صادق آڳوٺڻ جي تصديق جي مخالفت ڪري ڇڏي

لاهور (بيورو) لاهور جي اليڪشن ٽربيونل، اين اي هڪ سئو 22 تي مبينا ڌانڌلين خلاف درخواست تي 27 فيبروري تي حتمي بحث جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اسپيڪر اياز صادق جي وڪيل اڱوٺن جا نشان تصديق لاءِ نادرا ڏانهن موڪلڻ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته عمران خان جي اهڙي درخواست دير وارا هربا استعمال ڪرڻ جي ڪوشش آهي. اليڪشن ٽربيونل لاهور جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ ڪاظم ملڪ اين اي هڪ سئو 22 تي اسپيڪر اياز صادق جي ڪاميابي خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران اسپيڪر اياز صادق جي وڪيل، تڪ جي هڪ سئو 84 پولنگ اسٽيشنز جا ووٽن تصديق لاءِ نادرا ڏانهن موڪلڻ بابت عمران خان جي درخواست تي جواب داخل ڪرايو. اياز صادق جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته عمران خان جي درخواستن سبب ڪيس جي فيصلي ۾ دير ٿي رهي آهي، اهڙي درخواستن جو ڪو به جواز ناهي. اياز صادق جي وڪيل چيو ته ٿيلها کـُلي چڪا آهن، ووٽن جي اڱوٺن جا نشان نادرا ڏانهن موڪلڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، ان بابت عمران خان جي درخواست دير وارا هربا استعمال ڪرڻ جي ڪوشش آهي. عمران خان جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ڌانڌلي ۾ اليڪشن ڪميشن جو عملو به ملوث هو، ان ڪري ووٽن جي اڱوٺن جا نشان نادرا ڏانهن موڪليا وڃن. اليڪشن ٽربيونل، ٻنهي وڪيلن کي 27 فيبروري تي حتمي بحث جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *