سنڌ ۾ هر ڏيڍ ڪلوميٽر جي فاصلي تي اسڪول قائم ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي: نثار کهڙو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سوالن جوابن جي وقفي دوران صوبائي وزير نثار کهڙي ۽ فنڪشنل ليگ ميمبر نصرت سحر عباسي وچ ۾ پڻ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. نصرت سحر عباسي چيو ته اربين رپين جي فنڊنگ باوجود اسڪولن ۾ ٻارن کي صاف پاڻي فراهم نه ٿي رهيو آهي. صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته سنڌ ۾ هر ڏيڍ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اسڪول قائم ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي جڏهن ته پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جو معاملو واٽر سپلاءِ اسڪيم سان ڳنڍيل آهي. حيدرآباد لاءِ رکيل ترقياتي فنڊ جاري ڪرڻ بابت صابر قائمخاني جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي صوبائي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٽن سالن دوران حيدرآباد ڊويزن لاءِ 2 ارب 30 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا. مراد علي شاهه چيو ته روڊن جي اڏاوت لاءِ هڪ ڏهائي 13 ملين، عمارتن لاءِ هڪ ڏهائي 16 ملين جاري ٿيا. خيرپور ۾ سرڪاري اسڪولن جي بندش بابت عائشه خاتون ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. نثار کهڙي چيو ته خيرپور ۾ 14 بند اسڪول کولرايا ويا آهن، جڏهن ته اسڪول استاد نه هئڻ ۽ 2 اسڪول آبادي جي منتقلي سبب بند هئا. حيدري مارڪيٽ آڏو موٽر سائيڪل آچر بازار بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي متحده ميمبر جمال احمد چيو ته موٽر سائيڪل بازار هئڻ سبب شهرين ۽ واپارين کي مسئلا پيش اچي رهيا آهن. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته موٽر سائيڪل آچر بازار غير قانوني آهي، جڏهن ته ڪارروائي پوليس جو ڪم آهي. هن چيو ته ڪي ايم سي آچر بازار لاءِ اجازت ناهي ڏني، ٽريفڪ پوليس ايڪشن وٺي سگهي ٿي. ايوان ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اجلاس اڄ تائين ملتوي ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *