سينيٽ چونڊن ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ سيٽ ايڊجسٽمنٽ ٿي چڪي آهي: رحمان ملڪ

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ پ پ ۽ متحده ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿي چڪي آهي، ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت ۾ ضرور شامل ٿيندي، پي ٽي آءِ حڪومت سان ڳالهين لاءِ ڪجهه لچڪ ڏيکاري. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رحمان ملڪ چيو ته سينيٽ چونڊن لاءِ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿي چڪي آهي، ٻين پارٽين سان اڃان ڳالهيون هلندڙ آهن، متحده سنڌ حڪومت ۾ ضرور شامل ٿيندي ان لاءِ فارمولي تي ڪم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته حڪمومت ۽ تحريڪ انصاف ۾ ڊيڊ لاڪ ختم ٿيڻ خوشي جي ڳالهه آهي اميد ته هو حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ڪميشن جي معاملي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪنهن به جج تي ٻڌل ڪميشن جوڙي سگهي ٿي، تحريڪ انصاف ڳالهين لاءِ لچڪ ڏيکاري…….

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *