ٻيهر روڊن تي نڪتاسين ته حڪمران برداشت نه ڪري سگهندا: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته گورنر پنجاب چوڌري سرور جي استعيفيٰ ان طرف اشارو آهي ته ملڪ ۾ سموريون سهولتون اميرن لاءِ آهن ۽ ملڪ ۾ قبضه گروپ وڌيڪ طاقتور آهي، بني گالا ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان جو چوڻ هو هت جيڪي ڳالهيون گورنر پنجاب ڪيون اهي مان ڪيترن ئي سالن کان ڪري رهيو آهيان جڏهن ته ملڪ ۾ ٻن وڏين سياسي تنظيمن وچ ۾ ناني ويڙهو آهي جنهن سبب سڀ کان طاقتور قبضا مافيه آهي جنهن جي چوڻ تي هر ڪم ٿئي پيو ۽ هي ئي قبضا مافيا اوور سيز پاڪستانين جي ملڪيت تي قبضو ڪري ٿي، هن چيو ته پاڪستان جي ٽيڪس شرح دنيا ۾ سڀ کانگهٽ آهي ۽ جمهوريت جو حسن آهي ته پئسو جمع ڪيو وڃي ۽ عوام تي خرچ ڪيو وڃي شريف ڀائر پنهنجا اثاثا ان لاءِ ظاهر نه پيا ڪن ڇو ته هو ٽيڪس بچائڻ چاهيان ٿا شهباز شريف جا 18 ڪروڙ ملڪ کان ٻاهر ۽ 10 ڪروڙ ملڪ ۾ آهي ڇا اها مڃڻ جهڙي ڳالهه آهي تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته ڪنهن ملڪ ۾ ايئن هوندو آهي جتي پوليس ماڻهن کي غائب ڪري ڇڏيندي آهي حڪومت پنجاب کي پوليس اسٽيٽ بڻائي ڇڏيو آهي ٻڌايو وڃي ته ڪنهن جي چوڻ تي چنيوٽ جي 4 ٻارڙن جي ماءُ آمنه کي جيل ۾ وڌو ويو عورت جو مڙس ڪيترن ئي ڏينهن کان گم هو ۽ مڙس جو ڏوهه اهو هو ته هو رمضان شوگر ملز ۾ ملازم جو ۽ ان کي ڌماڪئڻ لاءِ ان جي گهرواري کي جيل ۾ وڌو ويو  هن چيو ته آزاد عدليه، ميڊيا ۽ صاف شفاف اليڪشن تي جمهوريت جو دارومدار آهي آرٽيڪل 218 مطابق چون ڌانڌلي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن بڻائي وڃي پر حڪومت ان معاملي تي سنجيدگي جو مظاهرو نه پئي ڪري فوجي عدالتن بابت سوال تي عمران خان جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف ملٽري ڪورٽس جي حمايت ڪئي آهي جڏهن ته حامد خان عدالت ۾ فوجي عدالتن خلاف صرف وڪيلن جو موقف پيش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ٻيهر روڊن تي نڪتاسين ته حڪمران برداشٽ نه ڪري سگهندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *