جماعت الدعويٰ ۽ جماعت اسلامي جو گستاخانه خاڪن خلاف سڄي ملڪ ۾ گڏيل جدوجهد تي اتفاق

لاهور (م.ڊ) جماعت الدعوت ۽ جماعت اسلامي گستاخانه خاڪن جي خلاف سڄي ملڪ ۾ گڏيل جدوجهد تي اتفاق راءِ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سموري ملڪ جي مذهبي ۽ سياسي جماعتن جو جلد اجلاس طلب ڪري گڏيل لائحه عمل ترتيب ڏنو ويندو اهڙي طرح 5 فيبروري تي پنجن ئي صوبن ۽ آزاد ڪشمير ۾ مظلوم ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي لاءِ ڪشمير ڪانفرنسن ۽ ريلين جو انعقاد ڪرڻو پوندو ۽ تحريڪ آزادي ڪشمير جي خلاف ٿيندڙ سازشون ڪنهن به صورت ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين گذريل ڏينهن امير جماعت اسلامي سراج الحق وفد سان مرڪز القادسيه چوبرجي ۾ جماعت الدعوت پاڪستان جي امير پروفيسر حافظ محمد سعيد سان ملاقات ڪئي. هن توهين آميز خاڪن جي شايع ٿيڻ ڪشمير مسئلي جي خلاف ٿيندڙ سازشن ۽ يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان تفصيل سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي ان موقعي تي جماعت اسلامي جو مرڪزي اڳواڻ لياقت بلوچ جماعت الدعوت سياسي معاملن جي اڳواڻ پروفيسر حافظ عبدالرحمان مڪي تحريڪ حرمت رسول صلعم جي ڪنوينر مولانا امير حمزه جماعت اسلامي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر سيد وسيم اختر ۽ حافظ خالد وليد به موجود هو هنن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مسلم حڪمران اقوام متحده ۽ او آءِ سي سميت هر فورم تي آواز بلند ڪن ۽ تحفظ حرمت رسول صلعم جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون ادا ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *