پشين: ساهه ٻوساٽجڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 11 ماڻهو فوت

پشين (م.د) صوبي بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ هڪ گه ۾ گئس سان دم گهٽجڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 11 ماڻهو مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ هڪ ئي خاندان جي ٽي عورتون، 6 ٻارڙا ۽ ٻه مرد شامل هئا. ريسڪيو ذراعن مطابق واقعه کلي ڪربلا جي علائقي ابراهيم زئي ۾ پيش آيو جتي گهر جي هڪ ڪمري سردي جي شدت کان بچڻ لاءِ گيس هيٽر ٻاريو ۽ بند ڪرڻ جي بغير سمهي پيا رات جي ڪنهن وقت گيس خارج ٿيڻ سبب ڪمري ۾ ستل 11 ماڻهو دم گهٽجڻ جي وجهه سان مارجي ويا. اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ۽ ليويز فورس متاثر ٿيل گهر تي پهچي تمام ماڻهن جي ضروري ڪارروائي جي لاءِ پشين اسپتال منتقل ڪري ورتو مارجي ويل ماڻهن م هڪ ئي خاندان جون ٽي عورتون، ڇهه ٻارڙا ۽ 2 مرد شامل آهن. هڪ ئي وقت 12 ماڻهن جي مارجي وڃن تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو پوليس حادثي واري هنڌ پهچي ساهديون گڏ ڪري تفتيش جو آغاز ڪري ورتو لاشون وارثن جي حوالي ڪيون ويون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *