ٻين کي عدالتن آڏو پيش ٿيڻ ۽ احترام جو درس ڏيندڙ نوازشريف پاڻ ئي سبق وساري ويٺو : اعتزاز احسن

لاهور  (اين اين آءِ) پ پ پ جو مرڪزي اڳواڻ سينيٽراعتزاز احسن چيو ته ٻين  کي عدالتن آڏو پيش ٿيڻ  ۽ احترام جو  درس ڏيندڙ نوازشريف پاڻ ئي سبق وساري ويٺو آهي. تجربي ۾ پنهنجو مٽ نه رکندڙ جي دور ۾ معيشت هڏڪين ۾ آهي، نون ليگ جي وڏن جي لنڊن ياترا تي گھڻو ڪجھۡه سوچي سگھجي ٿو، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته پ پ پ پهريان به جمهوريت جو ساٿ ڏنو ۽ اڳتي به هو پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، پ پ پ جي قيادت واضع ڪري چڪي آهي ته شريف خاندان ڪنهن به قسم جو رابطو نه ٿو ٿي سگھي ، هن چيو ته نوازشريف ٻين کي ادارن جي احترام جو درس ڏيندو  هو پر پاڻ ئي سبق وساري ويٺو آهي . عدالت جي آڏو پيش ٿيڻ جي بدران ڇوٽ جو درخواستون ٿينديون پيون وڃن، هن چيو ته انصاف جي معاملي تي ٻٽو معيار نه هجڻ گھرجي، هن چيو ته پ پ پ ۽ نون ليگ وارن جي لاءِ  قانون الڳ الڳ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *