21 سالن کان منهنجو مقابلو سياستدانن سان نه مافيا سان آهي: عمران خان

منڊي بهاءُ الدين (ويب ديسڪ): پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جمهوريت جي نالي تي عوام کي ڦرڻ ڇا هوندو آهي؟، 21 سال منهنجو مقابلو سياستدانن سان نه مافيا سان ٿيو، جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته سياستدان عوام جي خدمت ڪندو آهي ته اها عبادت هوندي آهي، سياستدانن ۽ مافيا ۾ فرق هوندو آهي، حڪومت عزير بلوچ جي جي آءِ ٽي رپورٽ عوام جي سامهون آڻي، عزير بلوچ انڪشاف ڪيا آهن، عزير بلوچ اعتراف ڪيو ته زرداري جي چوڻ تي هن ماڻهن کي قتل ڪرايو، عمران خان چيو ته عزير بلوچ جو چوڻ آهي پيپلز پارٽي جي قيادت جي چوڻ تي ان خالد شهنشاهه کي قتل ڪيو، خالد شهنشاهه بينظير ڀٽو قتل ڪيس جو گواهه هيو، عزير بلوچ چوي ٿو سنڌ جي 14 شگر ملز تي قبضو ڪري زرداري کي ڏياريون، نواز شريف جا ٻار ارب پتي بڻجي ويا، پئسا ڪيئن ڪمايا؟، پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته هي ماڻهو قوم جو پئسو لٽيندا آهن، ماڻهو خريد ڪندا آهن، جيڪي ماڻهو ناهن وڪامندا هيماڻهو انهن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا آهن، ماڊل ٽائون ۾ 14 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، ڇا سياستدان ايئن ڪندا آهن؟، آصف زرداري ڪڏهن ڪڏهن پاڪستان ايندو آهي، بلاول ڀٽو کي اردو مشڪل سان ايندي آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ملڪ قرضي ٿي ويو آهي، اسان اهي قرض واپس ڪيئن ڪنداسين، هي ماڻهو پاڪستان جا مير جعفر ۽ مير صادق آهن، ايف بي آر کي ٺيڪ ڪندس، ايماندار ماڻهن کي مقرر ڪندس، شريف خاندان ارب پتي آهي، انهن کان پڇو ڪيترو ٽيڪس ڏيندا آهن، نيب ڪرپشن ختم ڪرڻ جو ادارو آهي، نيب کي درست ڪندس، هن چيو ته آصف زرداري ٻڌائي ڪيترو ٽيڪس ڏيندو آهي، وڏن وڏن واڳن کي مان ئي پڪڙيندس، ملڪ ۾ ٽيڪس 35 سئو ارب وصول ٿيندو آهي، هڪ سال ۾ 4 هزار ارب رپين جي ڪرپشن ٿيندي آهي، اسحاق ڊار جو اربين رپين جو دبئي ۾ گهر بڻجي رهيو آهي، نواز شريف جا ٽي سئو ارب رپيا ٻاهر پيا آهن، آصف زرداري جا دبئي، فرانس، لنڊن ۾ محل آهن، عمران خان چيو ته ويچاري مظلوم، معصوم کي ان لاءِ ڪڍيو ويو، ان ٽيهه سال عوام کي ڦريو، ملڪ جو ڦريل پئسو واپس آڻيندس، جڏهن ڪنهن کان خيرات گهرون ته عزت ناهي ٿيندي، شهباز شريف ماڊل ٽائون ۾ 14 ماڻهن کي قتل ڪرايو، شريف مافيا ٽيهه سالن کان پنجاب تي قبضو ڪيون ويٺي آهي، هارين کي سستو ڀاڻ فراهم ڪنداسين، نواز شريف ۽ زرداري عوام تي ظلم ڪيو، خادم اعليٰ ڪهڙو ڊرامو ڪندو آهي، ان کي ڀارت اماڻي ڇڏيو، فلمن ۾ ڪم ڪري، شهباز سريف چوندو هيو لوڊشيڊنگ ڇهه مهينن ۾ ختم نه ڪريان ته نالو مٽائي ڇڏجو، رائيونڊ جي سڪيورتي تي 5 سالن ۾ 7 ارب رپيا خرچ ٿيا، ٻڌايو شهباز شريف جو نالو ڇا رکون، شهباز شريف جو نالو شوباز شريف رکون ٿا، شهباز شريف بالي ووڊ هليو وڃي، وڏو اسٽار بڻجي ويندو، سٺو ولن بڻجندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *