ٻاهر ڪو دبنگ ناهن ويٺل جن کي ميدان تي آڻيون ته پاڪستان ٽيم نمبر ون ٿي ويندي: وسيم اڪرم

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تي تنقيد ضرور ڪئي وڃي پر مسئلي جو حل به ٻڌايو وڃيم تبديلي ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي، ٻاهر ڪو دبنگ ناهن ويٺل جن کي ميدان تي آڻيون ته پاڪستان ٽيم نمبر ون ٿي ويندي.وسيم اڪرم چيو ته تبديلي اصلاح لاءِ ٿيڻ گهرجي، ڇا تبديلي لاءِ ظهير عباس، جاويد ميانداد ۽ يونس خان ۽ انضمام الحق آهن؟. ماضي جي عظيم آل رائونڊر ورلڊ ڪپ پلي انگ ڪنڊيشنز تي اٿاري اعتراضن بابت چيو ته رن ريٽ تي ٿيندڙ فيصلي تي تنقيد ڪندڙ پهريان ننڊ ستل هئا؟، 4 پي ايس ايل کيڏڻ باوجود هڪ به بئٽسمين نه مليو، جنهن جو سبب اسٽرڪچر بهتر نه هئڻ آهي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *