وڊيو جي فارنزڪ آڊٽ ڪرائڻ جو اعلان، چور مچائي شور جو نظريو نه هلندو: فردوس عاشق اعواڻ

سيالڪوٽ (م.ڊ/اين اين آءِ) وفاقي حڪومت مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز پاران پيش ڪيل احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي مبينا ڳجهي ويڊيو جي فرانزڪ جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته مريم صفدر اعواڻ جي ڳجهي ويڊيو رڳو جج ارشد ملڪ تي نه پر عدليه تي حملو آحي جاچ جي ذريعي هن ميڊيا هائوس جي نشاندهي ڪئي ويندي. تفصيل موجب وزيراعظم جي سڌ سماءَ جي مددگار فردوس عاشق اعواڻ مريم نواز پاران جاري ڪيل مبينا وڊيو ٽيپ کي قوم کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏيندي چيو آهي ته هي هڪ جج تي نه پر سڄي عدليا تي حملو آهي، هي ءَ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ وقت ڇو پيش نه ڪئي وئي، ان ذريعي همدرديون حاصل ڪرڻ ۽ ن ليگ جي ڪرندڙ ساک بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هي ناڪام ٿيندي، پهرين ڳالهه ته اها آهي ته ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ان کي ٽيپ ڪرڻ قانوني لحاظ کان ڏوهه آهي، هن مبينا آڊيو وڊيو جو فرانزڪ آڊٽ ٿيندو ۽ ڏٺو ويندو ته جج ۽ ادارن جي حوالي سان جيڪي ڳالهيون ڪيون ويون انهن جي سچائي ڪهڙي آهي، مبينا آڊيو وڊيو ٽيمپرڊ آهي يا سچ آهي، اسان قوم کان ڪجهه نه لڪائينداسين، اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ تاجرن اڳواڻن سان ملاقات کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته مريم نواز معزز جج جي حوالي سان وڊيو جاري ڪري ادارن کي بدنام ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي، اهڙا قدم ملڪ سان عداوت جي برابر آهن، مريم نواز جج تي الزام هڻي عوام جون همدرديون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،ميڊيا تي تماشو لڳائڻ بدران ٽيپ عدالت ۾ کڻي وڃي ۽ جيڪڏهن دامن صاف آهي ته شريف خاندان جي سمورن ماڻهن کي پاڪستان گهرايو وڃي ۽ عدالتن ۾ پيش ٿين، ڀائٽي پنهنجي چاچي کي بلڊوز ڪري قوم جي جذبن سان کيڏ کيڏي ۽ ملڪ جي عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نواز شريف جيل ۾ ۽ باقيات مريم صفدر جي شڪل ۾ هڪ ٽيپ کڻي اچي پر اها ٽيپ وچ چوڪ تي ختم ٿي وئي، هن چيو ته مبينا وڊيو ٽيپ ۾ جج سان گڏ نظر ايندڙ ناصر بٽ جي حوالي سان هن دعويٰ ڪئي ته ناصر بٽ روپوش ۽ غنڊا گينگ جو مک آهي، هو 5 ماڻهن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ 302 جي قتل ڪيس ۾ روپوش آهي، روپوش قاتل، منشيات وڪرو ڪندڙن جو نيٽ ورڪ هو جنهن سياست کي ڍال بڻايو، 20 سالن ناصر بٽ روپوش رهيو ۽ ضلع صبحاني جي گارڊ جا فرض ادا ڪندو رهيو، راڄ ڪماري ضلعه صبحاني جي باڊي گارڊ جي ڪردار کي واضح ڪري ڇڏيو، شهباز شريف جو ناٺي علي عمران ۽ پٽ ملڪ کان ٻاهر آهن، شهباز شريف ناٺي ۽ پٽ کي عدالت ۾ پيش ڪري بيگناهي ثابت ڪري، سوال ڪيو وڃي ٿو ته ڪروڙين ڊالر ڪيئن آيا ۽ ٻاهر ڪيئن ويا ته چون ٿا ته خبر نه آهي، هن چيو ته قيامت جي نشاني آهي ته پيءُ چوي ٿو ته ٻارن کان پڇا ڪريو، ٻار چون ٿا ته بابي کان پڇا ڪريو، هن چيو ته اڳوڻين حڪمرانن جي عياشين جي قيمت اڄ عام پاڪستاني ادا ڪري رهيو آهي، معيشت کي زهر جا ٽيڪا لڳائيندا رهيا ۽ اڄ بار عوام کي کڻڻو پئجي رهيو آهي، عمران خان کي رستي تان هٽائڻ لاءِ 32 ڪيس داخل ڪيا ويا، پر عمران خان نه ملڪ ڇڏيو ۽ نه ئي عدالتن تي حملو ڪرايو، عمران خان ٻاهر پيسو ڪمايو ۽ ملڪ ۾ آڻي عدالت ۾ سمورا ثبوت پيش ڪيا، جنهن کانپوءِ عدالت مان صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ مليو.  ٻئي طرف سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته آڊيو ۽ وڊيو ٽيپ ٺاهڻ ۽ هلائيندڙ ٻئي ڪردار سند يافتا ڪوڙا آهن. ٽويٽر تي هڪ بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته هاڪ قاتل ۽ گنڊا گينگ جو سربراهه جڏهن ته ٻيو ڪيلبري فونٽ جو مشهور جعلساز آهي، هي اهي ڪردار آهن جيڪي بي ناميدار آهن. خاص مددگار چيو ته سرڪاري ناڻي کي مال غنيمت سمجهي ڦرڻ ۽ عوام جي وسيلن تي ڌاڙا هڻندڙن کان ڦريل رقم جي واپسي جاري رهندي.  فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نواز شريف جيل ۾ آهي ته مريم نواز ٻڌائي ته ڪهڙي حيثيت ۾ بنا ڪنهن حق ايترو عرصو سرڪاري بلٽ پروف گاڏي استعمال ڪندي رهي جنهن کي سرڪاري ناڻي تي ڌاڙو هڻن جي عادت هجي تنهن کي کيسي مان خرچ ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *