پاڪستاني ڪرڪيٽر ڏيهه واپس: ايئرپورٽ تي واڌو سيڪيورٽي، ڪنهن آجيان نه ڪئي!

 

ڪراچي، اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2019 مان ٻاهر ٿيل قومي ٽيم جا رانديگر ڏيهه واپس پهچي ويا آهن.قومي ڪرڪيٽر گذريل رات دير سان ڌار ڌار اڏامن ذريعي لنڊن کان پاڪستان پهتا، جنهن بعد هو خانگي گاڏين ۾ ايئرپورٽ کان پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿيا.ڪپتان سرفراز احمد ۽ فاسٽ بالر محمد حسنين ڪراچي پهتا، جڏهن ته بابر اعظم، امام الحق ۽ آصف علي لاهور پهتا.پي سي بي پاران ايئرپورٽ تي رانديگرن جي استقبال لاءِ ڪوبه موجود نه هو، جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي ۾ موجود ڪجهه ماڻهو ڪپتان سرفراز سان گڏ سيلفيز ڪڍرائيندا رهيا. ان موقعي تي ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس رانديگرن کي سڪيورٽي حصي ۾ رکيو، ايئرپورٽ تي ميڊيا نمائندن سرفراز احمد سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ميڊيا سان ڳالهائڻ بدران هليو ويو.اوپنر بئٽسمين فخر زمان، شاهين شاهه آفريدي، شاداب خان ۽ عماد وسيم به اسلام آباد ايئرپورٽ پهتا. شاداب خان ۽ عماد وسيم اڄ راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهائيندا. فاسٽ بالر محمد عامر، وهاب رياض، حفيظ ۽ شعيب ملڪ في الحال انگلينڊ ۾ ئي ڪجهه ڏينهن ترسندا، مڪي آرٿر ڏکڻ آفريڪا روانو ٿي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *