ٻانهن مروڙي ڳالهه مڃرائڻ وارو طريقو قبول ناهي: سعد رفيق

لاهور(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق جو چوڻ هو ته ڪنهن سان محاذ آرائي ڪئي ۽ نه وري ڪنداسين پر ٻانهن مروڙڻي ڳالهه مڃرائڻ  جو طريقو قبول ناهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ خواجا سعد رفيق چيو ته نه ڪو فرنٽ مين آهي ۽ نه ئي بيڪ مين، جيڪو اثاثو ڊڪليئرڊ آهي، ڪڏهن ناجائز ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪو ٻيو ڪرائي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪنهن سان محاذ آرائي ڪئي نه ئي ڪنداسين پر ٻانهن مروڙي ڳالهه مڃرائڻ وارو طريقو قبول ناهي، ڪوڙا الزام لڳائيندڙ الله جي غضب کان ڊڄن. ريلوي واري وزير چيو ته سان کي خوفناڪ انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، هاڻ به وقت آهي بسڪيو ۽ ملڪ کي ميرٽ تي هلڻ ڏنو وڃي، ملڪ جا دشمن پاڪستان تي ۽ اسان هڪ ٻئي تي حملا ڪرڻ ۾ پورا آهيون. سعد رفيق عمران خان کي به تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جمهوريت دشمن عنصرن جو سڀ کان وڏو مهرو عمران خان ئي آهي، هل ڪري سچ کي ڪوڙ ۾ تبديل نٿو ڪري سگهجي، اسان ملڪ ۾ آئين ۽ جمهوريت جي آبياري لاءِ طويل جدوجهد ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *