ڪنهن سياسي پارٽي يا فرد کان انتقام تي يقين نٿا رکون: نيب چيئرمين

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته قوم جي ڦريل رقم واپس آندي ويندي، سمورن ڪيسن ۾ شفافيت ۽ ميرٽ تي ڪم ٿيندو. نيب چيئرمين ڪراچي ۾ نيب آفيسرن سان خطاب ڪبدي چيو ته بدعنواني جي ڪينسر کي پاڙان پٽڻو پوندو، ڪيسن جي جاچ ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته احتساب سڀني لاءِ پاليسي تي سختي سان عمل پيرا آهي، ڪنهن سياسي پارٽي يا فرد کان انتقام تي يقين نٿا رکون. هن اهو به چيو ته نيب آفيسر ڪنهن دٻاءُ ۽ سفارش کي قبول نه ڪن ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڪم ڪن، بدعنوان عنصرن کي منهن ڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *