حڪومت عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، تيل اگهم ۾ 3 رپيا 56 پيسا کان 9 رپيا 45 پيسا تائين واڌ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو آهي، پيٽرول جي اگهه ۾ 3 رپيا 56 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي. تفصيل موجب حڪومت پيٽرول جي اگهه ۾ ٽي رپيا 56 پيسا واڌ ڪري ڇڏي آهي جنهن بعد نئين قيمت 88 رپيا 7 پيسا ٿي وئي آهي، ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر 2 رپيا 62 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي جنهن بعد قيمت 9 رپيا 45 ٿي وئي، لائٽ ڊيزل جي قيمت هڪ رپئي جي واڌ سان 65 رپيا 30 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي ان کان سواءِ گاسليٽ 6 رپيا 28 پيسا مهانگو ڪيو ويو ۽ نئين قيمت 76 رپيا 46 پيسا هوندي. نوان اڄ رات 12 وڳي کان پوءِ لاڳو ٿيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *