ٺٽي ۾ ڪينسر سبب 32 ڄڻا فوت، 815 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ جو انڪشاف

ٺٽو (م.ڊ )ڏندن جي ماهر ڊاڪٽرن ٺٽي سميت سڄي سنڌ ۾ وات ۾ ڪينسر جو اصل ڪارڻ گُٽڪي، پان، مين پڙين جي استعمال کي قرار ڏيندي انڪشاف ڪيو آهي ته رڳو ٺٽي ضلعي اندر گذريل هڪ سال دوران 32 ڄڻا ڪينسر سبب فوت ٿيا، هلندڙ سال ٺٽي ضلعي ۾ 815 ڪينسر جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن، مڪلي جيم خانه ۾ ڪوٺايل سيمينار ۾ لمس حيدرآباد جي پروفيسر ڊاڪٽر ڪاشف علي چنڙ چيو ته، پاڪستان ۾ وات ۾ ڪينسر جي بيماري وبائي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، سنڌ جا مريض لمس اچن ٿا ۽ روزانو 10 کان 15 ڪيس ڪينسر جا ملن ٿا، ڊينٽل شعبي ۾ 50 پوسٽون خالي پيل آهن، هن چيو ته سڄي سنڌ خاص ڪري لاڙ واري پٽي ۾ گٽڪو، مائو، پان ۽ مين پُڙين جون وڏيون فيڪٽريون ڪينسر جي مرض کي ڦهلائڻ جو سبب بڻيل آهن، سول اسپتال ٺٽو جي ڊينٽل شعبي جي انچارج ڊينٽل سرجن ڊاڪٽر شيارام ڪمار ٻڌايو ته، گٽڪي مين پڙين ۽ پان سبب ٺٽي ضلعي اندر منهن ۽ وات جي ڪينسر وگھي گذريل سال 32 ڄڻا فوت ٿي چُڪا آهن ۽ هلندڙ سال ۾ ظاهر ٿيل 815 ڪيسن مان 55 ڪينسر جا ڪيس آخري اسٽيج تي پهتل آهن، ھن چيو ته ٺٽي جي سامونڊي پٽي جي ٻگهاڻ، ميرپور ساڪرو، ڪيٽي بندر ۽ ڪوهستاني پٽي جي جهرڪ ۽ جهمپير ۾ وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن.ڊي سي ٺٽو عثمان تنوير، ايس ايس پي ٺٽو شبير سيٺار، ڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ، محمد فيض قُدوائي، نديم ابراهيم، احمد سومرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، سيمينار جي موقعي تي سول سوسائٽي جي نمائندن، سُڄاڻ، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *