ڌرين وچ ۾ دهشتگردي جي ڪيس ۾ ٺاهه سان ڏوهاري آزاد نٿو ٿي سگهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) دهشتگردي جي ڪيس ۾ ٺاهه جي بنياد تي ڏوهاري آزاد ٿي سگهي ٿو يا نه ان بابت سپريم ڪورٽ تاريخي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل چيف جسٽس پاڪستان جي لکيل فيصلي ۾ چيو ويو ته دهشتگردي جي ڪيس ۾ ٺاهه جي بنياد تي جوابدار آزاد نٿو ٿي سگهي، دهشتگردي جو ڏوهه ٺاهه جوڳو نه آهي، سپريم ڪورٽ چيو ته رڳو ڌرين وچ ۾ دهشتگردي جي ڪيس ۾ ٺاهه سان ڏوهاري آزاد نٿو ٿي سگهي، فيصلي ۾ چيو ويو ته ڪنهن مناسب ڪيس ۾ مخصوص حالتن ۾ ڌرين وچ ۾ ٺاهه تي جوابدار جي سزا گهٽائڻ تي غور ٿي سگهي ٿو، عدالت لکيو ته دهشتگردي جي ڪيس ۾ ڌرين وچ ۾ ٺاهه تي سزا پاڻمرادو گهٽ نه ٿيندي، جوابدار جي سزا گهٽائڻ تي غور ڪرڻ عدالت جي اختيار ۾ هوندو، اهڙي طرح فيصلي ۾ چيو ويو ته دهشتگردي جو ڏوهه ٻين ڏوهن کان مختلف آهي، دهشتگردي جي ڪيس ۾ ٺاهه کانپوءِ سزا گهٽائڻ تي ٽرائيل ڪورٽ فيصلو ٻڌائڻ دوران غور ڪندي، سپريم ڪورٽ موجب سمورن عدالتي فورمز مان جوابدار جي سزا برقرار رکڻ تي سزا گهٽائڻ لاءِ رحم جي اپيل تي پاڪستان جو صدر غور ڪندو، رحم جي اپيل رد ٿيڻ کانپوءِ ٺاهه ٿيڻ تي جيل سپرينٽنڊنٽ نئين رحم جي اپيل پاڪستان جي صدر ڏانهن موڪليندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *