وزيراعظم ۽ آرمي چيف جو چين جو دورو ڪامياب، جڏهن ته پاڪستان کي ضرورت پئي ته چين خاموش نه ويهندو: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (اين اين آءِ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور ڪشمير جي معاملي تي وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي چين جي دور کي ڪامياب قرار ڏيندي چيو آهي ته چيني صدر يقين ڏياريو ته پاڪستان کي ضرورت پئي ته چين خاموش نه ويهندو، پاڪستان تي حملو چين تي حملو سمجهيو ويندو، چيني صدر ايندڙ سال پاڪستان جو دورو ڪندو، چين هر شعبي ۾ پاڪستان جي مدد ڪندي، جمعي تي سينيئر صحافين کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته چين جو دورو اڳواٽ رٿيل نه هو، چيني قيادت پاڪستان جي قيادت کي ڀارت جي دوري کان اڳ دعوت ڏني، هن چيو ته چين جي دوري ۾ سي پيڪ، ڪشمير ۽ دفاعي تعاون تي ڳالهه ٿي آهي، پاڪستان 70 سيڪڙو ڪشمير تي ڳالهايو، هن چيو ته چيني صدر ايندڙ سال پاڪستان جو دورو ڪندو، چيني قيادت خاطري ڪرائي ته ان جا ڀارت سان لاڳاپا پاڪستان جي قيمت تي نه هوندا، هن چيو ته چيني صدر هر سطح تي پاڪستان جي حمايت ڪئي، چين هر شعبي ۾ پاڪستان جي مدد ڪندو، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان چين جي ترقي جي ماڊل کي اختيار ڪري رهيو آهي، صدر چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي رياست جي سطح تي آهي، چيني صدر چيو ته سول ۽ فوجي قيادت گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن جيڪا سٺي ڳالهه آهي، اسان پاڪستان جي معيشت کي وڌندي ڏسڻ چاهيون ٿا، پاڪستان سان لاڳاپا ڪڏهن به گهٽ نه ٿيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *