يمن ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي ڏيهه آڻڻ لاءِ پاڪ بحريه جو جهاز مڪلا بندر گاهه پهچي ويو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) يمن ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي ڏيهه آڻڻ لاءِ پاڪ بحريه جو جهاز مڪلا بندر گاهه پهچي ويو، پاڪ بحريه جي ترجمان جو چوڻ آهي ته صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پاڪستانين کي جبوتي يا ڪراچي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو… يمن جي جنگ سٽيل علائقن عدن، مڪلا ۽ صنعا ۾ 4 سئو پاڪ ستاني اڃان وطن واپسي جا منتظر آهن، جن جي ڏيهه واپسي لاءِ حڪومت طرفان ڪوششون ڪيون پيون وڃن. پاڪ بحريه جو جهاز پاڪستانين کي کڻڻ لاءِ مڪلا بندرگاهه پهچي ويو آهي جڏهن ته ڦاٿل پاڪستانين جهاز پهچڻ تي سک جو ساهه کنيو آهي. پاڪ بحريه جي ترجمان جو چوڻ آهي ته صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ئي فيصلو ڪيو ويندو ته پاڪستانين کي جبوتي منتقل ڪجي يا ڪراچي آندو وڃي. پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته پنهنجي شهرين جي پرامن واپسي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.. ٻئي پاسي، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه آصف اڄ وزيراعطم نواز شريف کي سعودي دوري بابت آگاهي ڏيندو.. سعودي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستاني حڪومت پنهنجي فوج سعودي عرب موڪلڻ جي حامي ڀري ورتي آهي، جلد پاڪ فوج جو پهريون دستو پهچي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *