الطاف حسين کي مياناولي مان چونڊ وڙهڻ جي دعوت، گڏيل اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو صلاح مشوري کانپوءِ ڪيو ويندو: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جَي سربراهه عمران خان، چارٽر آف ڊيموڪريسي کي ڳٺ جوڙ جو معاهدو قرار ڏيندي چيو آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جو فيصلو صلاح مشوري کانپوءِ ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته سياستدان جنهن کي چارٽر آف ڊيموڪريسي چئي رهيا آهن، اهو حقيقت ۾ ڳٺ جوڙ جو هڪ معاهدو آهي. ڪپتان چيو ته تحريڪ انصاف پاڪستان کي متحد ڪري شفاف چونڊن لاءِ احتجاج ڪيو پر ان باوجود 2013 ع واري اليڪشن ۾ رڪارڊ ڌانڌليون ڪيون ويون. هـُن چيو ته سمورين جماعتن تسليم ڪيو ته اليڪشن ۾ ڌانڌليون ٿيون آهن پر ان باوجود پي ٽي آءِ کانسواءِ ڪنهن به پارٽي آواز نه اٿاريو. عمران خان چيو ته هو ثابت ڪري ڏيکاريندا ته ن ليگ 2013ع وارين عام چونڊن ۾ 70 لک جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪرائي رڪارڊ ڌانڌليون ڪيون. ڪپتان ڪراچي ۾ ننڍي چونڊ رينجرز جي نگراني ۾ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ جَي راڄڌاني واري شهر ۾ پر امن طريقي سان چونڊون ٿيڻ ڏنيون وڃن. عمران خان چيو ته الطاف حسين کي فيصلو ڪرڻ گهرجي ته انکي جمهوريت واري سياست ڪرڻي يا خوف واري. تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته جمهوريت ۾ سمورين پارٽين کي هر جڳهه تان چونڊ وڙهڻ جو حق آهي. عمران خان، الطاف حسين کي ميانوالي مان چونڊ وڙهڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته متحده ميانوالي مان چونڊ وڙهي ته پي ٽي آءِ ڀرپور سهڪار ڪندي. يمن جي صورتحال بابت ڳالهائيندي پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته يمن ۾ مسلمانن کي ويڙهائڻ دشمنن جي سازش آهي، جنهن ۾ پاڪستان کي ڌر بڻجڻ بدران امن لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن. عمران خان چيو ته يمن جي صورتحال تي قوم کي حڪومت جي فيصلي جو انتظار آهي. ڪپتان چيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جو فيصلو هو صلاح مشوري کانپوءِ ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *