شرجيل ميمڻ ميونسپل ڪمشنر مصطفيٰ ڪمال کي معطل ڪري ڇڏيو، سيڪريٽري بلديات کي جاچ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ خميس ڏينهن سالن کان غيرقانوني طور نارٿ ناظم آباد ۾ مين روڊ تي گرين بيلٽ تي قائم غيرملڪي فاسٽ فوڊ ۽ مٺائي جي دڪان کي سيل ڪري ضلعي سينٽرل جي سيڪشن آفيسر شمعون صدف کي معطل ڪري ان خلاف ڪيس اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ موڪلڻ جون هدايتون ڏنيون آهن، جڏهن ته صوبائي وزير ڊسٽرڪٽ ايسٽ ۾ موجود هڪ غيرقانوني شادي هال کي به پنهنجي نگراني ۾ مسمار ڪرايو، جڏهن ته ان ضلعي ۾ ”صاف سرسبز، پرامن سنڌ“ مهم تحت گهٽين ۾ صفائي جي ڊسٽرڪٽ ايسٽ پاران شروع ڪيل ٽن ڏينهن واري مهم جو ٻهارو ڏئي افتتاح ڪيو. صوبائي وزير ان عزم جو هڪ ڀيرو ٻيهر ارادو ڪيو آهي ته صوبي ۾ سرڪاري زمينن، راندين جي ميدانن، پارڪن ۽ ٻين رفاحي ۽ فلاحي پلاٽن تي موجود سمورن قبضن جي خاتمي تائين مهم جاري رکي ويندي ۽ بلديات کاتي ۾ موجود گوسڙو ۽ ڪرپٽ ملازمن جو خاتمو ڪري ئي ساهه کنيو ويندو. تفصيل مطابق صوبائي وزير اطلاعات ۽ بلديات سنڌ شرجيل انعام ميمڻ سموري صوبي ۾ جاري صاف سرسبز، پرامن سنڌ مهم تحت صفائي سٿرائي ۽ قبضن جي خاتمي جي حوالي سان خميس تي ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۾ نارٿ ناظم آباد ۾ گذريل ڪيترن سالن کان گرين بيلٽ تي قائم غيرقانوني پيزاهٽ، برگر ڪنگ ۽ دلپسند مٺائي جي دڪانن کي پنهنجي نگراني ۾ سيل ڪرايو. اهي ٽئي دڪانون اڳوڻي ٽائن ناظم پنهنجن اختيارن کان هٽي غيرقانوني طور ليز تي ڏنيون هيون ۽ 2013 ۾ ان جو معياد مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ان کي هڪ ڀيرو ٻيهر توسيع ڏني وئي هئي، جنهن کان پوءِ ڪي ايم سي جڏهن ان خلاف ايڪشن ورتو ته هنن عدالتن کان حڪم امتناعي حاصل ڪري ورتا هئا، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي گرين بيلٽ تي سمورن قبضن جي خاتمي جي فيصلي کان پوءِ ڪي ايم سي هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڪيس خلاف عدالت سان رجوع ڪيو هو. خميس تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اوچتو نارٿ ناظم آباد ۾ گرين بيلٽ تي قائم غيرقانوني هوٽلن تي پهچي ويو، جڏهن ته ان موقعي تي انهن هوٽلن ۾ مختلف خاندان منجهند جو کاڌو کائڻ ۾ مصروف هئا، جنهن تي صوبائي وزير انهن سمورن هوٽل مالڪن کي موجود سمورن فيميلز جي سروسز جي فراهمي کان پوءِ پنهنجا هوٽل خالي ڪرڻ جا حڪم ڏنا ۽ ڪي ايم سي جي آفيسرن کي فوري طور تي انهن کي سيل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڄاڻايل گرين بيلٽ ۾ ماضي ۾ ٽائون ناظم ممتاز حميد وزيراعليٰ سنڌ، وزيراعظم ايستائين ته صدر پاڪستان کان به وڌيڪ اختيارن جو استعمال ڪندي ان غيرملڪي ريسٽورنٽ کي سرڪاري زمين 5 سال لاءِ ليز تي ڏني ۽ 2013 ۾ ان جي ليز جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ان وقت جي ايڊمنسٽريٽر سينٽرل لطيف لوڌي ۽ موجود سيڪشن آفيسر ڪراچي شمعون صدف وري پنهنجن اختيارن کان هٽي ڪري ان ليز جي توسيع ڪئي آهي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ موجوده سيڪشن آفيسر شمعون صدف کي فوري طور تي ان جي عهدي کان معطل ڪيو ويو آهي ۽ لطيف لوڌي ۽ ان جي خلاف ڪيس کي اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ موڪلڻ لاءِ سيڪريٽري بلديات کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. هن چيو ته اڳوڻي ٽائون ناظم سميت ان حوالي سان جيڪي به ان ۾ ملوث هوندا انهن خلاف به ڪيس داخل ڪرايا ويندا. شرجيل ميمڻ چيو ته ماسٽر پلان تحت جيڪا زمين جنهن مقصد لاءِ مختص آهي ان کان علاوه ان جي استعمال جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته ان ڪارروائي کان اڳ هن ضلعي ايسٽ ۾ قائم هڪ غيرقانوني شادي هال کي به پنهنجي نگراني ۾ مسمار ڪرايو آهي ۽ اهو سلسلو ان وقت تائين جاري رهندو، جيستائين هن صوبي مان سمورا غيرقانوني شادي هالز ۽ ٻين قبضن جو خاتمو نٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته روزانو جي بنياد تي ڪيل ڪاررواين ۾ پاڻ شريڪ آهيان ۽ روزانو آئون سمورن قبضن ڪندڙن کي خبردار ڪريان ٿو ته هو پاڻ قبضن جو خاتمو ڪن ته جيئن هو نقصان کان بچي سگهن. هن چيو ته سمورا سياسي ۽ غيرسياسي ماڻهن کي به خبردار ڪريان ٿو ته هو سرڪاري زمينن تي قائم پنهنجن غيرقانوني آفيسن کي پاڻ ختم ڪن ٻي صورت ۾ انهن کي به مسمار ڪرڻ جو شروع ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلديات کاتو هڪ وڏو کاتو آهي ۽ ان ۾ گوسڙو ملازمن جي ڪري سخت مشڪلاتون آڏو اچي رهيون آهن. هن چيو ته چاهي واٽر بورڊ هجي يا وري ڪي ايم سي يا وري ڊي ايم سيز سمورن ۾ گوسڙون ملازمن آهن ۽ انهن جي خاتمي تائين ايڪشن جاري رکيو ويندو. صوبائي وزير چيو ته هاڻ تائين سنڌ بئنڪ ۾ 10 هزار کان وڌيڪ ملازمن پنهنجا کاتا کولرايا آهن ۽ جلد ئي سمورن ملازمن جا کاتا سنڌ بئنڪ ۾ کولرايا ويندا، جنهن کان پوءِ کين پگهار ان اڪائونٽس مان ادا ڪئي ويندي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مونکي ڊسٽرڪٽ ايسٽ ۾ اچي خوشي ٿي آهي ته هتي صفائي سٿرائي ۽ قبضن خلاف نئين ايندڙ ايڊمنسٽريٽر ايسٽ سيد صلاح الدين ۽ ان جو عملو ڀرپور ڪم ڪري رهيو آهي. ان ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ان جي ٽيم به ان جو ڀرپور ساٿ ڏئي رهي آهي. هن چيو ته جيڪي ملازم سٺو ڪم ڪندا ۽ باقاعدگي سان پنهنجون ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا انهن کي ترقي به ڏني ويندي ۽ انعام به ڏنا ويندا. پر جيڪي ملازم ٻاهرين ملڪن يا گهرن ۾ ويهي پگهارون کڻي رهيا آهن انهن جو هاڻ هن کاتي ۾ ڪوبه وجود باقي نه رهندو. هن چيو ته مون بلديات کاتي مان ڪرپشن جي خاتمي جو عزم ڪيو آهي ۽ آئون الله کان سواءِ ڪنهن کان نٿو ڊڄان ۽ نه ئي آئون ڪنهن جو ڪو دٻاءُ قبول ڪندس ۽ نه ئي مون تي ڪو دٻاءُ وجهي سگهي ٿو. هن واضح ڪيو ته هو سمورن شادي هالن جيڪي ٽائون، ڊسٽرڪٽ يا خود ڪي ايم سي ماضي ۾ اجازت ناما جاري ڪيا آهن اهي سمورا منسوخ ٿي ويا آهن ۽ هاڻ ڪنهن کي به سرڪاري زمينن، راندين جي ميدانن، پارڪن يا رفاحي ۽ فلاحي زمينن تي ڪنهن قسم جي ڪمرشل سرگرمين جي اجازت نه ڏني ويندي. ان کان اڳ صوبائي وزير ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ثاقب سومرو، ميٽرو پوليٽن ڪمشنر ڪراچي مسعود عالم، ايڊمنسٽريٽر ايسٽ سيد صلاح الدين، ايڊمنسٽريٽر سينٽرل محمد ڪمال، مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر به موجود هئا. صوبائي وزير گلشن اقبال بلاڪ 13 ڊي ۾ گهٽين ۾ صفائي مهم جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ ايسٽ پاران شروع ڪيل 3 ڏينهن واري مهم جو به افتتاح ڪيو. ان موقعي تي هو پاڻ اتي موجود گرائونڊ ۾ ٻهارو ڏئي اتي موجود صفائي جي عملي وٽ ويو ۽ انهن کي پيش ايندڙ مسئلن کان آگاهي حاصل ڪئي. ان موقعي تي موجود صفائي جي عملي صوبائي وزير جي ڪاوشن کي ساراهيو ۽ کين يقين ڏياريو ته هو ان مهم کي ڀرپور نموني ۾ ڪامياب بڻائيندا ۽ هن شهر کي صاف سٿرو ۽ روشنين جو شهر بنائڻ ۾ پنهنجون ڀرپور خدمتون ڏيندا. ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ اعلان ڪيو ته ڊسٽرڪٽ ايسٽ ۾ صفائي مهم جي ڪاميابي کان پوءِ کين پگهار سان گڏ انعام طور بونس به ڏنو ويندو ۽ جيڪي ملازم سٺو ڪم ڪندا انهن کي ترقيون به ڏنيون وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *