يمن صورتحال: حڪومت پاران 6 اپريل تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) حڪومت يمن جي صورتحال تي 6 اپريل تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهـُرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته ڪنهن به فيصلي کان اڳ قومي مفاد مقدم آهي، سعودي عرب کي خطري جي صورت ۾ پاڪستان سخت ردعمل ظاهر ڪندو. پِي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته يمن جي صورتحال تي 6 اپريل سومر ڏهاڙي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهـُرايو ويندو جنهن ۾ ميمبرن کي وچ اوڀر جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني ويندي ۽ سعودي عرب جي مدد واري درخواست تي انهن کان راءِ ورتي ويندي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڪنهن به فيصلي کان اڳ پاڪستان جو قومي مفاد مقدم آهي. هن چيو ته سعودي عرب جي علاقائي صورتحال جو هر حال ۾ بچاءُ ڪيو ويندو ۽ ان کي خطري جي صورت ۾ پاڪستان سخت ردعمل ظاهر ڪندو. نواز شريف چيو ته پاڪستان سعودي اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ سمورا فيصلا پاڪستاني عوام جي خواهشن موجب ڪيا ويندا. اجلاس ۾ بچاءَ واري وزير خواجا آصف، پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ خاص معاون طارق فاطمي شرڪت ڪئي جڏهن ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ايئر چيف مارشل سهيل امان ۽ سامونڊي فوج جو وقتي سربراهه به شريڪ ٿيا. اجلاس کي بچاءَ واريَ وزير خواجا آصف ۽ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز سعودي عرب جي دوري بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ يمن ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي واپسي لاءِ کنيل قدمن جو به جائزو ورتو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *