پ پ قيادت ۾ ڪي به اخلات ناهن، اين اي 246 تي پ پ جو اڻڌريو ڪردار هوندو: وڏو وزير

لاڙڪاڻو(بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري ۾ ڪو به اختلاف نه آهي مخالف غلط پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، بلاول ڀٽو زرداري چيئرمين ۽ آصف علي زرداري شريڪ چيئرمين آهي جن جي اڳواڻي ۾ پ پ پ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي. پ پ پ جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ اهڙن ماڻهن کي سڃاڻي چڪا آهن جيڪي عوام کي روزانو ورغلائن پيا، ان قسم جا ماڻهو پنهنجن مقصدن ۾ ناڪام ٿيندا، اهڙن خيال جو اظهار هن ڪالهه پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل طرفان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج آڊيٽوريم هال لاڙڪاڻو ۾ منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ۽ صحافين  سان ڳالهائيندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي اين اي 246 جي ضمني چونڊن ۾ پ پ پ ايم ڪيو ايم جي حمايت نه ٿي ڪري، صرف هڪ سيٽ تي ضمني چونڊ آهي ان لاءِ پنهنجو اميدوار نه پيا آڻيون جڏهن ته ملڪ ۾ بلدياتي چونڊيون ٿين يا عام چونڊون ٿين پ پ پ مڪمل طور تي تيار آهي، هن چيو ته 4 اپريل تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 36 هين ورسي واري تقريب ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ملهائي ويندي، ورسي جي ڏينهن صبح جو 9 وڳي قرآن خواني سان پروگرام جو آغاز ڪيو ويندو جيڪو شام جو 6 وڳي پڄاڻي ٿي پهچندو، 2 وڳي عام جلسو شروع ٿيندو جنهن ۾ سموري ملڪ مان ايندڙ شاعر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ياد ۾ مقالا پڙهندا ۽ شاعري سان ڀيٽا ڏيندا، جڏهن ته مرڪزي اڳواڻ ساڍي 4 وڳي ڪارڪنن کي خطاب ڪندا جنهن لاءِ انتظام گذريل سالن کان وڌيڪ بهتر ڪيا ويا آهن، هن چيو ته 4 اپريل عوام جي لاءِ اهم ترين ڏينهن آهي عوام لکن جي تعداد ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ مزار تي ايندو آهي جنهن سبب سڪيورٽي جا به سخت انتظام ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته ملڪ ۾ نيون نيون ڊزائنون متعارف ڪرايون جن سان ملڪ ترقي ڪري هتان جي انجنيئرن ۾ وڏو ٽئنلٽ آهي انجنيئرن ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر نالو ڪمايو آهي جن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، هن چيو ته انجنيئرن مان جيڪي 11 ۽ 14 گريڊ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن انهن جا گريڊ وڌائڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ بل پيش ڪنداسين، گريڊ کان 20 گريڊ تائين جي ڪچن ملازمن جيڪي ايڊهاڪ ۽ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهن انهن جو بل سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪري انهن کي پڪو ڪيو ويندو، هن چيو ته 17 گريڊ جون خالي پيل پوسٽون سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڀريون وينديون، انجنيئرن جون پگهارون ۽ الائونس وڌايا ويندا ۽ کين ٽيڪنيڪل الائونس ڏيڻ لاءِ ويچاريو ويندو، هن چيو ته اسان جو ملڪ زرعي  آهي زراعت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪن. انجنيئرن کي رتوديرو يا نئون ديرو ۾ انجنيئر ڪالوني لاءِ پلاٽ ڏنو ويندو، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه آڏو چيئرمين پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل سيد عبدالقادر شاهه انجنيئرن کي درپيش مسئلن جي متعلق آگاهي ڏني جنهن ۾ 11 کان 14 گريڊ کي اپ گريڊ ڪرڻ سميت ڪالوني وارا مطالبا پيش ڪيا ويا، آخر ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سنڌ خوش نصيب انجنيئرن ۾ لڪي ڊرا ذريعي عمري جي ٽڪيٽ، دبئي جي ٽڪيٽ، موبائلون، ليپ ٽاپ، جوسر مشينون وغيره تقسيم ڪيا، جنهن بعد وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتحه خواني پڻ ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *