شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت ۽ تاريخي حقيقتون؛حميد ڀٽو

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي عالمي شخصيت کي اڄ کان 36 سال اڳ 4 اپريل 1979ع تي شهيد ڪيو ويوجيڪو 36 سال گذرڻ باوجود به عوام جي دلين ۾ زنده آهي ۽ ڏينهن قيامت تائين سندس نالو زندهه رهندو ۽ جيئي ڀٽو جو نعرو ننڍن توڙي وڏن جي زبان تي گونجندو رهندو، جنهن لاءِ اسلامي قدرن ۾ واضع ڄاڻايل آهي ته ”شهيدن کي مئل نه چئو، شهيد زنده هوندا  آهن“ شهيد ذوالفقار علي ڀٽوکي بيگناهه سازشي ٽولن عالمي سازشن تحت مختلف الزام مڙهيندي کيس نه رڳو گرفتار ڪرايو پر پاڻ کي مرد مومن قرار ڏيندڙ وقت جي يزيدي ٽولي سان لاڳاپيل مرن توڙي ڊڪٽيٽرن ان عوام دوست شخصيت کي ڦاسي جي ڦندي تي پهچائي اهو باور ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ته هاڻي آمريت کي ڀٽو ازم کان نجات حاصل ٿيندي…..پر اهڙي ڪوشش آمر جنرل ضياءُ الحق کي مسلسل يارنهن سالن جي اقتدار تائين کيس ڏنگيندي رهي ۽ يارنهن سالن بعد قدرت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت ۾ رنڱيل هٿن، دماغ، جسم توڙي مادي واري صورت کي منطقي انجام تائين پهچائيندي جنرل ضياءَ الحق ۽ سندس ٽيم کي زميني مفاصلي کان تمام گهڻو مٿي هوا ۾ ئي انهن کي دردناڪ موت ڏئي سندس جسم کي راک ۽ هڏن جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽  قدرت واري اهو واضع ڪري ڇڏيو ته عوام دوست شخصيتن جي شهادت تي روڄ راڙو ڪندڙآهون ست آسمان پار ڪري فطرت جي خالق الله تعاليٰ جه جي جڏهن بارگاهه ۾ پهچي ٿي ته ان جو ازالو ٿيڻ جي آثار ظاهر ٿين ٿا. اهڙي طرح سان شهيد ذو الفقار علي ڀٽو جي خاندان کي ختم ڪرڻ وارين آمريت پسند خواهشن جو انت شهيد ڀٽو جي خاندان سان لاڳاپيل چئن شهيدن سميت ڏکن ۽ سورن جو درمان کڻي فوت ٿيندڙ بيگم نصرت ڀٽو جي فوتگي بعد به آمريت کي ڀٽو ازم جهڙي پڙاڏو بڻجي گونجندڙ آواز کان 36 سالن بعد به ” جيئي ڀٽو“ جي عوام جي آواز کي دٻائي نه سگهيا آهن ويتر لاڳيتو 36 سالن دوران دنيا جي ڏتڙيل عوام لاءِ هڪ خوشبو بڻيل آهي ۽ خلق خدا سندس ڳيچ ڳائي آمريت جي ڪنن جا پردا ڦاڙي رهيا آهن. عوام کي شعور ۽ اعتماد ڏيڻ واري عظيم شخصيت ذوالفقار علي ڀٽو جي سحر انگيز شخصيت کان دنيا جو غريب ۽ ڏتڙيل عوام متاثر ٿي رهيو آهي، خوش گفتار، خوش پوش، سهڻي سوچ رکندڙ، ايشا جو چمڪندڙ ستارو، انقلابي، فلسفي، درد وندن جو درمان، غريبن ۽ مزدورن جو مسيحا، عوام کي زبان ڏيندڙ، پيسجندڙ ماڻهن جو اتساهه، اسلام جو شيدائي ۽ مجاهد، مظبوط ۽ خوشحال پاڪستان جو حامي، گڏيل آئين جو خالق، ماڻهن جي اکين جي پنبڻين ۾ سمايل سچ جو سرواڻ، ملڪ کي سگهارو بڻائندڙ ايٽم بم جي خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي 4  اپريل 1979ڊسٽرڪٽ جيل راولپنڊي ۾ فطري طورتي ڦاهي ڏيڻ بجاءِ رات جو ٻي وڳي سخت تشدد ڪري ڦاسي جي سزا ڏني وئي، جڏهن ته ڦاهي جي سزا جي لاءِ فزيڪلي طور تي ٺيڪ هجڻ وارو سرٽيفڪيٽ ڊاڪٽر جاري ڪندو آهي، تنهن بعد ئي ڦاسي جي سزا تي عمل درآمد ٿيندو آهي، پر اهڙي قانون جي پوئواري ڪرڻ بجاءِ رات جي انڌيري ۾ رات جي رهزنن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي ۽ صبح جو ڏهين وڳي تائين ڳڙهي خدا بخش ۾ عظيم اڳواڻ جي تدفين فوجي نگراني هيٺ ڪئي وئي، اهڙي ڏکوئيندڙ واقعي تي سنڌ سميت سموري ملڪ ۽ دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۽ اسلامي دنيا پاران روڄ ۽ راڙو ڪيو ويو ۽ اهڙي قتل کي سياسي قتل قرار ڏئي ملڪ جي تاريخ ۾ ڪاري باب جو اضافو ڪيو ويو.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ئي آشيرواد سان مقرر ٿيل چيف آف آرمي اسٽاف جنرل ضياءُ الحق ان وقت جي نو ستارن واري سياسي آکاڙي ۾ گڏ ٿيل مختلف سياسي کيڏاڙين ۽ آمريڪا جي سازش وسيلي ملڪ جي جمهوري نظام کي راتاهو هڻي مسلسلي يارنهن سالن تائين عوام مٿان ڊڪٽيٽر شپ وارو عذاب نازل ڪيو ۽ عوام کي فوجي سزائن جهڙوڪ ڪوڙا، ڦاهيون ۽ گوليون لڳنديون رهيون پر جيئي ڀٽو جا نعرا مسلسل يارنهن سالن تائين جنرل ضياءَ الحق جون ننڊوڻ ڦٽائيندا رهيا. اها به هڪ تاريخي حقيقت آهي ته سنڌ جي عوام جي دلين ۾ شهيد ڀٽو جي بي پناهه محبت کي برداشت نه ڪندي آمر جنرل ضياءُ الحق سنڌي ماڻهن کان ڀٽو همدري جي انتقام وٺڻ لاءِ مختلف منصوبن تي عمل ڪندي مستقبل ۾سنڌ  ڌرتي کي ٽامو بڻائڻ لاءِ مختلف منصوبا ترتيب ڏنا، جنهن ۾ ڪليشن ڪوف، هيروئن ڪلچر، ڌاڙيل ڪلچر ۽ ايم ڪيو ايم فيڪٽر جو رونما ڪري سنڌ کي اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو، جنهن مان اڄ تائين سنڌ واسي جان آجي نه ٿا ڪرائي سگهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جنهن کي ملڪ جي عوام سميت ايشا ۽ اسلامي بلاڪ جو اڄ به هيرو تسليم ڪيو ٿو وڃي، اهڙي عظيم شخصيت کي جنم ڏيندڙ ڌرتي سنڌ  آهي، جنهن پنهنجي ڪُکِ منجهان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، ان جي عظيم نياڻي شهيد بينظير ڀتو سميت هزارين شخصيتن کي جنم ڏئي ان جي خوشبو سان دنيا کي واسي ڇڏيو آهي. اهڙي عظيم شخصيت شهيد ذوالفقار علي ڀٽوجي خاندان لاءِ تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته ڀٽو خاندان اصل ۾ هندستان جي جيسلمير راجستان جو رهاڪو هو، جنهن مان هڪ شخص سهتو خان ڀٽو لڏ پلاڻ ڪري لاڙڪاڻي ضلعي جي نئون ديرو لڳ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي هاڻوڪي ڳوٺ ۾ اچي آباد ٿيو ۽ اتي نئون ڳوٺ جوڙايو، جنهن ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش جي نالي سان مشهوري ماڻي ڇاڪاڻ ته سر شاهنوازخان ڀٽو جي ڏاڏي مرحوم وڏيري خدابخش ڀٽو جي نالي سان ئي ڳوٺ جي سڃاڻپ ٿيڻ لڳي. سر شاهنواز ڀٽو 1888ع ۾ غلام مرتضيٰ خان ڀٽو جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي بنيادي تعليم حاصل ڪئي، ان بعد اعليٰ تعليم جي سلسلي ۾ سنڌ جي مشهور تعليمي درسگاه سنڌ مدرست الاسلام ۾ ۽ ان بعد وري سينٽ پيٽرڪ اسڪول ڪراچي مان اعليٰ تعليم جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ملڪ جي سياسي سرگرمين ۾ دلچسپي ورتي ۽ تقريبن 22 سالن جي عمر ۾ ضلعي لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جي ميمبرطور کيس چونڊيو ويو ۽ سنڌ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏهن ته سر شاهنواز خان ڀٽو 1924ع دوران بمبئي پريزيڊنسي واري دور ۾وزير جي عهدي  تي رهندي عوام جي خدمت ڪئي سر شاهنواز خان ڀٽو پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻه شاديون ڪيون پهرين گهرواري مان ٻه پٽ امداد علي خان ڀٽو۽ سڪندر علي خان پيدا ٿيا، جڏهن ته ٻي گهرواري مان ذوالفقار علي ڀٽو5 جنوري 1928ع ۾ پيدا ٿيو، سندس والده محترمه جو نالو خورشيده بيگم هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽوجي تعليمي ڪيريئر مطابق ڪيٿڊرل اسڪول بمبئي ۾سن 1937ع..کان 1947ع تائين، ان بعد يونيورسٽي آف سدرن ڪيليفورنيا آمريڪا مان 1947ع دوران تعليمي ڊگري حاصل ڪئي. ان بعد يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا جي برڪلي ڪيمپس ۾1949ع دوران پوليٽيڪل سائنس ( آنرز) ۾ گريجوئيشن حاصل ڪرڻ بعد 1950ع دوران ڪرائسٽ چرچ ڪاليج (آڪسفورڊ) برطانيه ۾ 1950ع دوران داخلا ورتي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي برطانيه مان(آنرز گريجوئيشن )1952ع جي ڊگري حاصل ڪئي. جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو تعليمي سرگرميون مڪمل ڪرڻ بعد ايشا کنڊ سان تعلق رکندڙپهرئين شاگرد جي حيثيت سان برڪلي اسٽوڊنٽ ڪائونسل ۾ 1954ع دوران شامل ٿيو۽  25 آڪٽوبر 1957ع دوران گڏيل قومن جي ڇهين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي اجلاس ۾ پاڪستان جي وفد جي اڳواڻي ڪئي ۽ سمنڊ جي قانون ۽ ان جي آزادي جي عنوان تحت ليڪچرڏنو،ان کان سواءِ 1958ع ۾ شاگردي واري عرصي دوران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ هڪ يادگار تقريرڪئي اهو اهڙي تاريخي خطاب دوران شهيد ذوالفقار علي ڀٽوپنهنجي اصولن تي ڪاربند رهندي پنهنجي ملڪ، خطي ۽ اسلامي دنيا سان ٿيندڙناجائزين تي چٽو موقف اختيار ڪندي ڪاوڙ ۾ اجلاس دوران ڪاغذ ڦاڙيندي اهو چئي اٿيو هو ته ”اسان هزار سال جنگ وڙهنداسين“، جڏهن ته شاگردي واري دور ۾ پنهنجي ڌرتي سان بي حد پيار ڪندي شهيد ذوالفقار علي ڀٽوپنهنجي ذهانت تحت ننڍي کنڊ جي آزادي لاءِ هلندڙ تحريڪ دوران قائد اعظم محمد علي جناح رحه ڏانهن خط لکيو هيو، جنهن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجو موقف اختيار ڪندي لکيو هيو ته” جيئن ته مان هيئر اڃان اسڪولنگ ڪري رهيو آهيان ۽ پاڪستان ٺاهڻ ۾ مان ڪابه مدد ڪري نه ٿو سگهان پر ايندڙ وقت ۾ مان پنهنجي ملڪ لاء جان به قربان ڪندس“ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قائد اعظم کي لکيل پنهنجي اظهار کي عملي طور تي ثابت ڪري تاريخ جي ورقن ۾ امر بڻجي ويو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي خداداد لياقتن ۽ عوام دوستيءَ سبب ملڪ ۽ عوام جي جيڪا خدمت ڪئي اها ڪا لڪل ڪهاڻي ناهي. هن پنهنجي اقتدار کي عام ماڻهن جي بنيادي حقن کي حاصل ڪرڻ سميت ملڪ جي ڀلائي لاءِ ايڏو ته وڏو ڪم ڪيو جنهن سان ملڪ جي عوام جون اکيون کلي ويون ۽ اهو عوام  ڀٽو جي عوام دوستي جي پرک جي ڀيٽ ڪرڻ لڳو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي آواز سان آواز ملائي کيس لبيڪ چوڻ لڳو. نتيجي طور قائد اعظم محمد علي جناح جي قائم ڪيل پاڪستان کي سازشن ڏانهن ڌڪيندڙ سازشي ٽولن کي اها ڳالهه نه وڻي، تنهن جو فائدو وٺندي آمريڪا پڻ ڀٽو خلاف انتقامي طور تي سازشون ڪرڻ شروع ڪيون، ڇاڪاڻ ته آمريڪا کي خوف ورائي ويو هيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي طرح سان اسلامي بلاڪ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، تنهن سان آمريڪا جي تباهي يقينن مقدر ۾ لکيل هئي، اهو پڻ واضع ڪرڻ ضروري آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سعودي عرب سميت وچ اوڀر جي اسلامي ملڪن مان تيل جي مد ۾ حاصل ٿيندڙ آمدني کي آمريڪا جي بئنڪن ۾ رکڻ واري پاليسي جي خلاف ماحول تيار ڪري رهيو هيو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ان سلسلي ۾ عرب ملڪن جي سربراهن کي ان سلسلي ۾ تقريبن راضي به ڪري چڪو هيو. جنهن خلاف آمريڪا 1979ع دوران پاڪستان ۾ نو ستارن واري سياسي هلچل جو فائدو حاصل ڪندي،

آمر جنرل ضياءَ الحق معرفت نه رڳو جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو پر ايشا ۽ اسلامي بلاڪ جي عظيم اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪرايو پر امريت جي ساٿارين آڏو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فلسفي ۽ عوام جي حقن لاءِ سندس  خاندان جي فردن عظيم نياڻي بينظير ڀٽو، فرزندن مير شاهنواز ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو پڻ شهادت جو جام نوش ڪيو ۽ بيگم نصرت ڀٽوڏکن ڏوجهڙن سان مهاڏو اٽڪائيندي ان به ڀٽو فلسفي جي آبياري ڪندي پنهنجي جان جو نظرانو ڏئي

تاريخ ۾ ڀٽو خاندان امر بڻجي ويو، جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کان پوءِ سندس رت جا ويري سندس خاندان کي ختم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات سازشون سٽيندا رهيا، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي زهر جو پيالو پياري پنهنجي بابا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڀاڪر ۾ ابدي ننڊ سمهاريو ويو ۽ ڀٽو خاندان جا ويري مختلف سازشن تحت پنهنجي ئي ڀيڻ بينظير ڀٽو جي حڪومت دوران سندس جگري ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو کي گولين جو کاڄ بڻائي شهيد ڪيو ويو، جنهن کي پڻ پنهنجي بابا جي ڀاڪر ۾ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي قبرستان ۾ سمهاريو ويو. ڀٽو خاندان جي رت جا ويري سندس نياڻي بينظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر 2007ع دوران راولپنڊي ۾ شهيد ڪيوويو، جيڪا پڻ پنهنجي عظيم بابا جي ڀاڪر ۾ ڍير گلن هيٺان دفنائي وئي ۽ هڪ ئي خاندان جي چئني شهيدن جون قبرن جي مٽي اڃان سڪي ئي نه ٿي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وني خاندان جي اذيتناڪ شهادتن جو درد نه سهندي هن فاني دنيا کي الوداع ڪري پنهنجي چئني شهيدن سان گڏ قبرستان ڳڙهي خدابخش جي مقبري منجهان پنجن ئي قبرن ۾ آرامي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، شهيد مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ شهيدن جي سرواڻ بيگم نصرت ڀٽوگڏجي پاڪستان جي عوام کان اهو سوال ڪري رهيا آهن ته جمهوريت جي بقا ۽ ملڪ جي ڏتڙيل عوام جي ڀلائي لاءِ ڪيل ڪوششن جي نتيجي ۾ کين ڪهڙي ڏوهه عيوض کين شهادت جو جام پياريو ويو، 36 سال اڳ کان ڀٽو خاندان خلاف کيڏي ويندڙ رت جي راند مختلف طريقن سان جاري آهي، جنهن ۾ ”جيئي ڀٽو“ جا نعرا هڻندڙ سوين آوازن کي دٻائي شهادت ڏني وئي آهي، پر اهو طئه آهي ته ” جيئي ڀٽو“ جو نعرو امرآهي ۽ امر ئي رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *