ياسر شاهه خلاف ڇوڪريءَ کي هراسان ڪرڻ، زيادتي ۾ مدد جي الزامن تحت ڪيس داخل

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽر ياسر شاهه خلاف 14 ورهين جي ڇوڪريءَ کي هراسان ڪرڻ ۽ زيادتي ۾ مدد جي الزام تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.اسلام آباد جي شاليمار ٿاڻي ۾ ڇوڪري تي درخواست تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.ايف آءِ آر جي متن موجب ياسر شاهه جي دوست فرحان گن پوائنٽ تي زيادتي ڪئي، ويڊيو به ٺاهي ۽ هراسان ڪيو، فرحان ۽ ياسر شاهه ڌمڪي ڏني ته ڪنهن کي ٻڌائڻ جي صورت ۾ ويڊيو وائرل ڪئي ويندي ۽ ماري ڇڏينداسين، ياسر شاهه چيو ته هو انٽرنيشنل ڪرڪيٽر آهي، دانهڻ جي صورت ۾ ڪيس ۾ ڦاسائي ڇڏيندو.هوڏانهن ان معاملي تي ياسر شاهه جو موقف سامهون ناهي آيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *