اميد ته دنيا افغانستان کي نظرانداز نه ڪندي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي اميد ته دنيا افغانستان کان ڌار رهڻ جي غلطي کي نه ورجائيندي، عالمي برادري افغانستان جي ڪمزور ماڻهن جي مدد ڪندي. وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ افغانستان جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي. پڌرائي موجب اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، پرڏيهي وزير شاهه  محمود قريشي، اطلاعات بابت وفاقي وزير فواد چوڌري،  گهرو وزير شيخ رشيد سميت اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. اجلا س ۾ قومي سلامتي بابت صلاحڪار  معيد يوسف ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن به شرڪت ڪئي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزير اعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري افغانستان جي ماڻهن کي نظرانداز نه ڪندي. هن چيو ته افغانستان ۾ امن خطي جي مفاد ۾ آهي، انساني بحران پيدا نه ٿيڻ گهرجي، افغان امن عمل جي ڀرپور حمايت ڪئي ويندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *