ايشوريا راءِ کي (اي ڊي) پاناما ڪيس ۾ پڇا ڳاڇا لاءِ طلب ڪري ورتو

ڪراچي(شوبز نيوز) اڳوڻي مس ورلڊ اداڪاره ايشوريا راءِ کي انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ (اي ڊي) پاناما ڪيس ۾ پڇا ڳاڇا لاءِ طلب ڪري ورتوڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب پاناما پيپرز ڪيس جي جاچ ڪندڙ اسپيشل انويسٽيگيشن ٽيم (ايس آءِ ٽي) ايشوريا راءِ بچن کي اڄ اي ڊي جي دهلي آفيس ۾ اچي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ چيو آهي، پر اداڪارا ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهيان کان اڳ اداڪاره کي 9 نومبر 2021 تي به نوٽيس موڪليو ويو هو، جنهن موجب کيس 15 ڏينهن اندر جواب جمع ڪرائڻو هو، جڏهن ته ايشوريا ٻه ڀيرا جواب جمع ڪرائڻ لاءِ اضافي وقت گهريو هوڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايشوريا راءِ تي مني لانڊرنگ روڪڻ واري ايڪٽ 2002 (PMLA) تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهيواضح رهي ته پاناما پيپرز ڪيس ۾ ايشوريا راءِ سميت اداڪار اميتاڀ بچن ۽ اجي ديوگن جا نالا به سامهون آيا هئا

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *