وڻ وڍڻ وارا آف شور ڪمپنيون رکندڙن کان وڏا ڏوهاري آهن: عمران خان

پشاور (م.ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته وڻ وڍڻ وارا آف شور ڪمپنيون رکندڙن کان وڏا ڏوهاري آهن، جهنگن جو تحفظ نه صرف اسان جي ذميواري آهي پر اسان جي بقاءِ جو مسئلو آهي، خابرو ادارن موجب پشاور يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته پئسو چوري ڪري آف شور ڪمپنين ۾ لڳايو ويندو ته عوام جي فائدي واري ڪمن لاءِ فنڊ ڪٿان ايندا، سندس چوڻ هو ته پاڪستان ماحوليت تبديلين سان متاثر ٿيندڙ دنيا جو اٺون ملڪ آهي، اسان جي ملڪ ۾ جهنگن جي تباهي ڪئي وئي آهي ۽ ٽمبر مافيا اربين رپين جا جهنگ ڪٽيا ۽ صرف صوبي ڪي پي ڪي ۾ 10 سالن دوران 200 ارب رپين جا وڻ وڍيا ويا آهن، جهنگن جي حفاظت اسان جي ايندڙ نسلن جي بقاءِ جو معاملو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *