پريانڪا چوپڙا جي مداح آهيان: شرڌا ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز)  بالي ووڊ اداڪاره شرڌا ڪپور چيو آهي ته هو پريانڪا چوپڙا جي وڏي مداح آهي. سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب شرڌا ڪپور چيو آهي ته پريانڪا چوپڙا فلم انڊسٽري ۾ مسلسل محنت ۽ پنهنجي ڪم ذريعي پاڻ مڃرايو آهي. هن چيوته آئون هميشا کان پريانڪا چوپڙا جي مداح رهي آهيان. هن چيو ته مون کي ايئن لڳي ٿو ته جيڪو به ڪم هن ڪيو آهي ان ۾ هن مسلسل  پنهنجي اعليٰ هنر ۽ صلاحيتن کي ثابت ڪيو آهي. واضح رهي ته تازو ئي پريانڪا چوپڙا کي ٽائم ميگزين جي 100 بااثر شخصيتن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو  ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *