عمران رائيونڊ اچي سگھي ٿو ته اسين به بني گالا وڃي سگھون ٿا، اقتدار جا خواهشمند انتظار ڪن: اسپيڪر اياز صادق

لاهور(م.ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق بني گالا ڏانهن مارچ جو چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته ڪجهه سياسي ڌريون ملڪي ترقي ۾ رنڊڪ وجھڻ ۾ ملوث آهن، جلد اهڙو فيصلو اچي ويندو جنهن سان سڀ ڪجھه درست ٿي ويندو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهايندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته جيڪڏهن عمران خان رائيونڊ وڃي سگھي ٿو ته اسين به بني گالا وڃي سگھون ٿا. هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ کان اجازت ملڻ تي اورنج ٽرين جو ڪم ٻيهر شروع ڪري ڇڏينداسين. اسان کي رڳو دهشتگدي خلاف جنگ نه پر معيشت جي جنگ به کٽڻي آهي هن چيو ته ايندڙ ڪجھه سالن ۾ سيڙپڪاري پاڪستان ۾ وڌي ويندي. جيڪي ماڻهو  اقتدار ۾ اچڻ چاهين ٿا اهي 2018ع جو انتظار ڪن. هن چيو ته ايندڙ سال بجلي جي لوڊشيڊنگ تمام گھڻي گھٽجي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *