وڏو ميان صاحب جيل مان نڪرندي ئي صحيح ٿي ويو، مولانا فضل الرحمان جي فلم هاڻي وڌيڪ نه هلندي: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءِ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جي فلم هاڻي وڌيڪ هلڻ واري نه آهي ۽ نه هلي رهي آهي ۽ نه ئي اسان کي ڳتي هلندي نطر اچي رهي آهي هڪ انٽرويو ۾ فواد حسين مولانا فضل الرحمان ۽ آصف علي زرداري جي ملاقات تي ڳالاهئيندي چيو ته مولانا فضل الرحمان جي فلم هاڻي وڌيڪ نه هلندي هن چيو ته مخالف ڌر چوي ٿي ته انهن جا سمورا ڪيس ڇڏيا وڃن انهن اهو چيو ته اسان جو ڪهڙو ذاتي پئسو آهي ڇڏي ڏيون ٿا جڏهن ته عوام تحريڪ انصاف کي ان لاءِ ووٽ وڌنو آهي ته ملڪ جو لٽيل پئسو واپس آڻي. سڌ سماءَ جي وفاقي وزير چوڌري فواد چيو آهي ته شريف خاندان جا ماڻهو جيل ويندي ئي بيمار ۽ ٻاهر ايندي ئي لنڊن روانا ٿي وڃن ٿا، وڏي ميان صاحب جو لڳي ٿو ته جيل مان نڪرندي ئي انجائنا جو سور به ختم ٿي ويو آهي، خميس تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عام قيدي سوچيندا آهن ته جيڪڏهن اهي به مخالف ڌر اڳواڻ هجن ها ته جيل ۾ نه هجن ها، هن چيو ته عام قيدي کان هڪ کان ٻي بيرڪ وڃڻ جي اجازت نه آهي ۽ هي لنڊن جا سير ڪري رهيا آهن، هن چيو ته هاڻ قوم ۽ قانون مخالف ڌر اڳواڻ جي واپس اچڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن، دعا آهي هو ته لنڊن ۾ بيمار نه ٿئي. هن چيو ته ڪرپشن جي نشي جا عادي مريض اقتدار کان ٻاهر هجن ته سندن لڱن ۾ ڀڃ ڊاهه شروع ٿي وڃي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *