تاجڪستان پاڪستان جو دوست ملڪ آهي، گڏيل سهڪار سان خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ملندي : آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه تاجڪستان جي بچاءَ واري وزير سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه تاجڪستان جي بچاءَ واري وزير سراج الدين ايسلوف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ علائقائي سڪيورٽي، ٻطرفي دفاعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته تاجڪستان پاڪستان جو دوست ملڪ آهي، گڏيل سهڪار سان خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ملندي. تاجڪ دفاع واري وزير سراج الدين ايسلوف چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *