توانائي بحران جو خاتمو، امن امان جي بحالي ۽ شھرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آھي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت ملڪ خاص طور تي سنڌ صوبي کي پيش ايندڙ توانائي جي بحران جي خاتمي لاءِ جامع ۽ ٺوس حڪمت عمليءَ تي عمل ڪري رھي آھي ۽ گذريل ڏينھن ٿر جي ڪوئلي مان ھلندڙ 660 ميگاواٽ جي ٻن پاور پلانٽن جو افتتاح ڪيو آھي جيڪو سنڌ حڪومت جي ھڪ وڏي ڪاميابي آھي. ھن اھا ڳالھھ اڄ وزيراعليٰ ھائوس ۾ فرانس جي ڪاروباري وفد جنھن جي اڳواڻي فرانس جي پاڪستان ۾ سفير ڊاڪٽر مارڪ باريتي ڪري رھيو ھو سان ملاقات جي موقعي تي ڪئي.  وفد ۾ فرانس – پاڪستان بزنس ڪونسل جي چيئرمين مسٽر ٿيري، ڪراچي ۾ مقرر فرانس جي قونصل جنرل دائدير تالپين، پاڪستان ۾ فرانسيسي سفارتخاني مان اقتصادي قونصلر  مسٽر فلپ فيوٽ پڻ موجود ھئا، جڏھن تھ وڏي وزير سان صوبائي وزير اسماعيل راھو، امتياز شيخ، چيف سيڪريٽري ممتاز شاھھ، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم ۽ مختلف کاتن جا سيڪريٽري شامل ھئا. اجلاس ۾ سنڌ جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري، توانائي، رينيوئيبل توانائي، ڪولڊ چين، زراعت، ڊيري اينڊ ميٽ، انفراسٽريڪچر جي ترقي، تعليم ۽ صحت وارن شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير فرانس جي وفد کي ٻڌايو تھ سنڌ ۾ ٿر ڪول جي حوالي سان وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ۽ ڪم ٿي رھيو آھي. ھن وفد کي ٻڌايو تھ پاور پلانٽ سان پيدا ٿيندڙ بجليءَ جي ترسيل ۽ مين گرڊ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سندس سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (ايس ٽي ڊي سي) قائم ڪئي آھي ۽ ان حوالي سان ان شعبي کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ وڏي پئماني تي گنجائش ۽ موقعا موجود آھن. ھن فرانس جي وفد کي ٻڌايو تھ اھي ان شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ فرانس جي سيڙپڪارن کي قائل ڪري ۽ سنڌ حڪومت انھن کي سموريون سھوليون ۽ مراعتون فراھم ڪندي. صوبائي توانائي واري وزير امتياز شيخ وفد کي بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو تھ صوبائي توانائي ۽ سيڙپڪاري کاتا انھن کي ھر قسم جون سھولتون فراھم ڪندا. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت ھر طرح سان سيڙپڪارن سان سھڪار ڪندي ۽ سنڌ حڪومت جو پي پي پي موڊ تحت ڪاميابيءَ سان ڪم ٿي رھيو آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ سنڌ جي سامونڊي پاڻيءَ جي ڊيسيلينيشن ۽ منڇر ڍنڍ جي صفائي جي حوالي سان سيڙپڪاري جي بھ ھمت افزائي ڪئي ويندي. ھن چيو تھ مان چاھيان ٿو تھ منڇر  ڍنڍ جيڪا ايشيا جي سڀ کا وڏي ڍنڍ آھي جنھن جو پاڻي گدلو ۽ زھريلو ٿي ويو آھي ان جي مڪمل صفائي ٿئي ۽ ان ڍنڍ جي صفائيءَ جي حوالي سان ڪو جامع پلان جوڙيو وڃي ڇاڪاڻ تھ سنڌ حڪومت منڇر ڍنڍ کي بحال ڪرڻ چاھي ٿي. ھن فرانس جي وفد کي سنڌ حڪومت سان پي پي پي موڊ تحت ان حوالي سان سيڙپڪاري ڪرڻ جي پڻ آڇ ڪئي. فرانس جي وفد فيصلو ڪيو تھ اھي پي اينڊ ڊي ۽ سيڙپڪاري کاتي ۽ پي پي پي يونٽ سان وڌيڪ اجلاس منعقد ڪندا، ان بعد سمنڊ ۽ منڇر ڍنڍ جي سائيٽ جو دورو ڪري سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪيو ويندو. فرانس جي زرعي سيڙپڪارن وڏي وزير کي ٻڌايو تھ اھي سنڌ حڪومت سان ڪينال لائننگ، ميٽ اينڊ ڊيري ڪارپوريٽ فارمنگ، شرمپ فارمنگ ۽ لائيو اسٽاڪ واري شعبي ۾ پڻ ڪم ڪرڻ جا خواھشمند آھن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تھ وڌيڪ ڪارروائيءَ لاءِ پي اينڊ ڊي، زراعي ۽ سيڙپڪاري کاتن سان الڳ الڳ اجلاس منعقد ڪيا ويندا.  ٻئي طرف  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ امن امان جي بحالي ۽ شھرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ سندس حڪومت جي اولين ترجيح آھي. ھن چيو تھ اھا ترجيح ان وقت حاصل ٿي سگھندي جڏھن پوليس مختلف اسٽيڪ ھولڊرز سان صلاح مشوري بعد ڊگھي ۽ ننڍي مدي وارن مقصدن کي واضح ڪري ان تي صحيح ريت عمل ڪيو وڃي ۽ ان کي ويچار لاءِ حڪومت ڏانھن موڪليو وڃي. ھن اھا ڳالھھ اڄ خميس ڏينھن ھڪ مقامي ھوٽل ۾ سنڌ پوليس پاران رٿيل نمائش ۽ ريٽريٽ اسٽريٽجڪ ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪئي. سيمينار ۾ وڏي وزير جو قانون وارو صلاحڪار مرتضيٰ وھاب، حاضر ۽ رٽائرڊ سينئر آفيسرن خاص طور تي آءِ جي پوليس، سول سوسائٽي جي ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاھھ چيو تھ صوبائي حڪومت جي اھا ذميواري بڻجي ٿي تھ اھا امن امان کي بحال ڪري ۽ شھرين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. ھن چيو تھ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پوليس جي اداري کي ننڍن ۽ ڊگھي مدي وارن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف اسٽيڪ ھولڊرز سان واضح ڪرڻ آھي ۽ ان کي ويچار ڪرڻ لاءِ حڪومت کي پيش ڪرڻ آھي. مراد علي شاھھ چيو تھ اھو سيمينار پوليس لاءِ تمام اھم آھي ۽ ان سان پوليس پنھنجي طاقت، ڪمزورين ۽ قابليت جو اندازو لڳائي سگھي ٿي. ھن چيو تھ سڄي دنيا ۾ پوليسنگ ھڪ چيلنجنگ پروفيشن آھي. ھن چيو تھ پوليس ھڪ پرائمري ايجنسي آھي جيڪا پبلڪ سيفٽي کي يقيني بڻائڻ ۽ ڏوھن تي ضابطو آڻڻ جي ذميوار ٿيندي آھي. مراد علي شاھھ چيو تھ اھڙي قسم جي اسٽريٽجڪ ورڪشاپ پوليسنگ جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ۽ حڪمت عملي جي جوڙجڪ ۾ سھڪاري ثابت ٿيندي. ھن چيو تھ مونکي پڪ آھي تھ ان ورڪشاپ جو جيڪو ايجنڊا آھي ان سان شرڪت ڪندڙن کي غور ۽ فڪر جي حوالي سان مدد حاصل ٿيندي. ھن چيو تھ ان ورڪشاپ سان تجربن ۽ مشاھدن جي مٽاسٽا ٿيندي. وڏي وزير خوشگوار انداز ۾ چيو تھ ان سيمينار ۾ سموري پوليس فورس کي گھرايو ويو آھي ۽ ان وقت گھٽين ۾ پوليسنگ لاءِ ڪوبھ پوليس اھلڪار نھ آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ اڄ خميس واري ڏينھن سڄي صوبي ۾ رڳو ھڪ قتل رپورٽ ٿيو آھي ۽ ھاڻوڪي ڏينھن ۾ سڀ کان گھٽ شرح آھي ۽ مونکي پڪ آھي تھ امن امان اھڙي ريت برقرار رھندو. مراد علي شاھھ آءِ جي پوليس کي صلاح ڏني تھ ھُو تمام پوليس ريجن جا دورا ڪري ۽ سندن جونيئرن سان ملاقات ڪئي وڃي ۽ انھن جي بھتر پوليسنگ لاءِ ھمت افزائي ڪئي وڃي ۽ ڪميونٽي پوليس جي ترقيءَ لاءِ سول سوسائٽيءَ کي شامل ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو تھ انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ ۽ سندس ٽيم ان ٻن ڏينھن وارين مشقن مان تمام گھڻو فائدو حاصل ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *