پاڪستاني فلم ڏسي مٿي ۾ سور پئجي ويو: عمران عباس

 

ڪراچي (شوبز نيوز) فلمن ۽ ڊرامن جي مقبول اداڪار عمران عباس پنهنجي فيس بڪ پوسٽ ۾ اعتراف ڪيو ته تازو رليز ٿيل هڪ نئين پاڪستاني فلم ڏسڻ دوران کيس مٿي ۾ سور پئجي ويو. عمران عباس پنهنجي فيس بڪ پوسٽ ۾ ڪنهن به رليز ٿيل نئين فلم جو نالو وٺڻ کانسواءِ فلم جي ڪهاڻي، فوٽوگرافي، ڊريسنگ ۽ ميڪ اپ کي تنقيد جو نشانو بڻايو. عمران جو چوڻ هو ته هن ٽن ڪلاڪن جي فلم ڏٺي جنهن دوران کيس احساس ٿيو ته هن پنهنجو وقت ضايع ڪري ڇڏيو ۽ هن ان دوران فلم جي ڪا هڪ خاص ڳالهه ڳولڻ جي ڪوشس ڪئي جيڪا کيس مطمئن ڪري سگهي ته هن فلم ڇو ڏٺي. جڏهن ته هو اهڙو ڪوبه سبب ڳولڻ ۾ پڻ ناڪام رهيو. اداڪار موجب جتي نئين فلم جي ڪهاڻي خراب هئي اتي ان کي بري انداز ۾ فلمايو ويو ۽ اداڪارن جي ڊريسنگ به ناقص هئي. هن دعويٰ ڪئي ته ڄاڻايل فلم کانپوءِپاڪستاني فلم انڊسٽري ڪيترائي سال پوئتي هلي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *