بابر اعظم جي ٽي ٽوئنٽي ۾ بهترين بيٽنگ: ڪيترائي ٺهيل رڪارڊ ٽٽي پيا

 

سڊني(اسپورٽس نيوز) بابر اعظم جي  ٽي ٽوئنٽي ۾ بهترين بيٽنگ سبب وڌيڪ رڪارڊ ٽٽي پيا. بطور هڪ ڪپتان جي ٽي 20 ڊيبيو تي وڏي اننگز جو اعزاز شاهد آفريدي کان ڦري ورتو.ٽاپ آرڊر بيٽسمين بابراعظم مختصر وقت ۾ بهترين فارم جو سلسلو جاري رکندي هن آسٽريليا جي خلاف پهرين ٽي  20 ميچ ۾ 38 بالن تي ناٽ آئوٽ  رهندي 59 رنسون اسڪور ڪيون. جنهن ۾ 5 چوڪا ۽ 2 ڇڪا شامل هئا. هي ڪنهن به پاڪستان جو ٽي 20 ۾ بطور هڪ ڪپتان جي سڀني کان وڏو اسڪور آهي. ان کان اڳ هي رڪارڊ آل رائونڊ شاهد آفريدي وٽ هو جنهن ڪولمبو ۾ سريلنڪا جي خلاف 2009 ۾ بطور ٽي 20 ڪپتان پنهنجي پهرين ميچ ۾ 37 بالن تي 50 رنسون ٺاهيون هيون.25 ساله بابر  اعظم آل رائونڊر محمد حفيظ جو به مختصر  ترين فارميٽ جي انٽرنيشنل ميچن ۾ سڀني کان وڌيڪ ففٽيون ٺاهڻ جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو. حفيظ 86 اننگز ۾ 10 ففٽيون اسڪور ڪيون هيون جڏهن ته بابر 34 ميچن ۾ 11 ففٽيون پلس اسڪور ڪري چڪو آهي. صرف اهوئي نه پر بابر هڪ ڪيلنڊر ايئر ۾ 1500 کان وڌيڪ ٽي 20 رنسون ٺاهيندڙ پهرين پاڪستاني جو اعزاز به حاصل ڪري ورتو آهي.جڏهن ته ان کان علاوه ويرات ڪوهلي(1614 رنسون 2016) ۽ ويسٽ انڊيز جو اوپنر ڪرس گيل(1665 رنسون 2015) ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏئي چڪو آهي. پاڪستاني ٽي 20 جي ڪپتان هن سال هينئر تائين 1551 رنسون اسڪور ڪيون هيون جڏهن ته اڃان آسٽريليا سان وڌيڪ 2 ميچ باقي آهن. جنهن ۾ بهترين ڪارڪردگي سبب هو ڪرس گيل کان هڪ ڪلينڊر ايئر ۾ سڀني کان وڌيڪ ٽي 20 رنسن جو رڪارڊ به ڦري سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *