رابي پيرزادو جو وڊيو ليڪ ڪندڙن ڏانهن پيغام، “افسوس” جو اظهار، شوبز ڇڏڻ جو اعلان

 

ڪراچي (شوبز نيوز) ڳائڻي رابي پيرزادو سندس غيراخلاقي وڊيوز ليڪ ڪندڙن ڏانهن پيغام جاري ڪيو آهي. ٻه ڏينهن اڳ رابي پيرزادو جون غيراخلاقي وڊيوز وائرل ٿيون هيون جنهن سبب هو ٽوئٽر تي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي وئي هئي. وڊوز ليڪ ٿيڻ جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڳالهيون سامهون آيون. ڪنهن چيو ته هي وڊيوز رابي جي اڳوڻي بواءِ فرينڊ ليڪ ڪيون آهن جڏهن ته گهڻا ماڻهو چئي رهيا هئا ته رابي پيرزادو جي فون مان انهن تصويرن ۽ وڊيوز کي چورايو ويو آهي. وڊيوز جي حوالي سان رابي پيرزادو جو موقف سامهون نه آيو هو ۽ ماڻهو ڄاڻڻ لاءِ بيچين هئا ته نيٺ رابي پيرزادو جو ان بابت ڇا چوڻ آهي. گذريل ڏينهن هن هڪ مختصر ٽوئٽ ۾ لکيو ته “جيڪو بندو دنيا ۾ ڪنهن بندي جي پرده پوشي ڪندو الله عزوجل قيامت جي ڏنهن سندس پرده پوشي فرمائيندو” ٻئي پاسي رابي پيرزادو پنهنجي سڀني سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي پوسٽ شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هن لکيو آهي ته مونکي پنهنجي هجڻ تي افسوس آهي. واضح رهي ته رابي پيرزادو وڊيوز خلاف ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ سان رابطو ڪري جاچ جو مطالبو به ڪيو آهي.رابي پيرزادا پنهنجي انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته ليڪ ٿيل ذاتي وڊيوز ۽ تصويرون هن جي فون ۾ موجود هيون ۽ ڄاڻايل فون هن ڪجهه عرصو اڳ وڪرو ڪيو هو.هن اهو به چيو هو ته جتي هن پنهنجو سمارٽ فون وڪرو ڪيو هو ان خلاف به ڪارروائي جي درخواست ڏني آهي.امڪاني  طور تي گلوڪارا جي وڪرو ڪيل فون ۾ موجود ڊليٽ ڪيل مواد رڪور بعد ليڪ ڪيو ويو هو.ان معاملي کان پوءِ اداڪارا دٻاءَ ۽ پريشاني جو شڪار نظر آئي ۽ هاڻ هن هڪ ٽوئيٽ ذريعي شوبز انڊسٽري ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته “آئونرابي پيرزادا شوبز ڇڏيان ٿي، خدا منهنجا گناهه معام ڪندو ۽ منهنجي حق ۾ ماڻهن جي دل نرم ڪري”.ان سان گڏ هن هڪ پاڪ آيت به لکي، اداڪارا جي ان اعلان کان تي ڪيترن ئي مداحن ڏک اظهار جو اظهار ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *