ڪوٽڙي ٽريٽمينٽ پلانٽ ڪرپشن اسڪينڊل، ضمانت رد ٿيندي ئي 9 جوابدار فرار، هڪ انجنيئر بيهوش، 3 گرفتار

ڪوٽڙي (م.ڊ) ڪوٽڙي سائيٽ ۾ فيڪٽريز جو گدلو پاڻي صاف ڪرڻ لاءِ ٽريٽمينٽ پلانٽ اڏڻ واري اسڪيم ۾ مبينا ڪرپشن جي اسڪينڊل ۾ جوابدارن طرفان ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ٻڌڻي بعد 12 جوابدارن جون ضمانتون رد ڪري ڇڏيون، جنهن دوران هڪ انجنيئر بيهوش ٿي ويو ۽ اُن کي بلاول ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو ويو، اڳوڻي چيف انجنيئر سوڌو 3 ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي جسٽس امجد حسين سهتو تي مشتمل سنگل بينچ اينٽي ٽريٽمينٽ پلانٽ ۾ ڪرپشن اسڪينڊل جي ٻڌڻي ڪئي، ڪيس ۾ نامزد 12 ڄڻن جون ضمانتون رد ڪيون ويون، اينٽي ڪرپشن پوليس اڳوڻي چيف انجنيئر ڪوٽڙي سائيٽ شبير کوکر، ائڪسين، اي اين مراد علي جتوئي ۽ اسسٽنٽ انجنيئر نبيل احمد کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو، 9 ڄڻا عدالت مان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، فرار ٿيل جوابدارن ۾ چيف انجنيئر سائٽ ڪوٽڙي عبدالوحيد شيخ، اسسٽنٽ انجنيئر نبيل احمد، اي اين مراد علي جتوئي، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪمبائن ايفي لينٽ ٽريٽمينٽ پلانٽ ( سي اي ٽي پي ) عبدالله جتوئي، محمد معيز قاضي، ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائيندڙ ڪمپني جي پروجيڪٽ انچارج محمد عيسيٰ، ارشد وهره، وقاص علي، عابد ۽ ريحان شامل آهن، جوابدارن تي الزام آهي ته هُنن منضوبي تي خرچ ٿيندڙ رقم ۾ وڏي پئماني تي هيرا ڦيري ڪئي آهي، هڪ ارب کان وڌيڪ رقم خرچ ٿيڻ باوجود منصوبو اڃان تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *