ويڊيو اسڪينڊل، شفاف جاچ جو مطالبو، ادارن کي تڪراري نه بڻجڻ گهرجي: بلاول زرداري

سکر (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي اپوزيشن جي خلاف هر هڪ سازش ناڪام ٿيندي، سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين اپوزيشن مان ئي هوندو، گهوٽڪي ۾ اليڪشن کي سليڪشن بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، گهوٽڪي جي عوام کان جمهوري حق کسيو پيو وڃي، گهوٽڪي ۾ پ پ جي ڪاميابي يقيني آهي، پي ٽي آءِ اليڪشن نه پر سليڪشن تي يقين رکي ٿي، اسان جا ادارا ڪنهن به اليڪشن لاءِ تڪراري ٿيڻ نه گهرجن، ادارا جيترا عمران خان آهن ايترا منهنجا به آهن، سنڌ جو مقابلو ٻين صوبن سان نه آهي ٻاهرين ملڪ سان ٿي رهيو آهي، پ پ عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي، اقلتين کي تحفظ ڏيڻ پ پ جو منشور آهي، سنڌ حڪومت ذريعي بنا وياج قرض ڏنا پيا وڃن، مفت علاج ۽ صحت اسان جي اوليت رهي آهي، مهانگائي، عوام دشمن بجيٽ جي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون، ادارن کي غير تڪراري ٿيڻو پوندو، وڊيو اسڪينڊل سواليا نشان آهي، عدالت ان جي جاچ ڪري، ڪنهن به جج تي دٻاءَ وجهڻ جي جرئت نه هئڻ گهرجي، جمعي تي سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اڄ سنڌ جي هر ضلعي ۾ دل جو مفت علاج ٿي رهيو آهي، سڀ کان مهانگو علاج غريب عوام کي مفت فراهم ڪري رهيا آهيون، معياري انفرا اسٽريڪچر تحت سنڌ ۾ دل جون اسپتالون هلائي رهيا آهيون، هن چيو ته گمبٽ ۾ اسپتال ٺاهي آهي، ڪوشش آهي ته سکر ۾ به ٺهي، اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ نسرن جي گهوٽ مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان چاهيون ته ايندڙ نسلن کي روزگار ۽ تعليم ملي، بلاول ڀٽو چيو ته ڪوشش آهي ته گهٽ پيسن ۽ گهڻي محنت سان منصوبا مڪمل ڪريون، ڪم ٿيندا رهيا ته عوام جا مسئلا حل ٿيندا رهندا، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت چائلڊ ايمرجنسي سينٽر کولينداسين، ڪورنگي ڪراچي ۾ چلڊرين ايمرجنسي سينٽر ٺاهيو آهي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪارڪردگي سڀني جي اڳيان آهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، وفاق صوبن جو معاشِ قتل ڪري رهيو آهي، هن چيو ته غير مسلم پاڪستان به منهنجا ڀائرن آهن، اقلتين جو تحفظ ڪرڻ پ پ  جو منشور آهي، جڏهن ته اقلتين جي تحفظ جي بل تي اڃاتائين ڪو عمل ناهي ٿي سگهيو، بلاول ڀٽو جج ارشد ملڪ جي مبينا وڊيو جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي خبر نه آهي ته هن وڊيو ۾ ڪيتري سچائي آهي، اڄ هڪ جج کي هٽآيو ويو آهي، اميد ته شفاف جاچ ٿيندي، هن چيو ته ڇا اهو اتفاق آهي ته جو ساڳيو جج نواز شريف ۽ زرداري جا ڪيس ٻڌي رهيو آهي، اميد آهي ته ان الزام کي سنجيندگي سان ورتو ويندو، هن چيو ته گهوٽڪي جي عوام فيصلو ڏئي ڇڏيو، جيڪو سليڪٽيڊ کي پسند نه آيو، عام چونڊن ۾ به سليڪشن ٿي، ڀل دٻاءُ وجهو فتح پ  پ جي ٿيندي ۽ گهوٽڪي ۾ اليڪشن کي سليڪشن بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته هر سنڌي ۽ هر پاڪستاني اسان کي ووٽ ڏيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *